LiveZilla Live Chat Software

.:: شيعه دوست فورم ::. جا قاعدا ۽ قانون


اوهان کي شيعا دوست فورم طرفان ڀليڪار چئون ٿا،رجسٽريشن حاصل ڪرڻ کان پهريان اوهان هيٺين ڏنل قانون ۽ قاعدن کي چڱي طرح پڙهي وٺو ڇو جوفورم کي استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ توهان کي قانوني طور تي اسانجي قاعدن ۽ ضابطن جي پابندي ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن ڪنهن به سبب ڪري اوهان کي هي قائدا ۽ ضابطا تسليم نه آهن ته مهرباني ڪري ”فورم“ کي استعمال نه ڪندا. انتظاميا طرفان هي قائدا ۽ ضابطا ڪنهن به وقت تبديل ڪري سگهجن ٿا. .

1_هن فورم جي وجود ۾ آڻڻ جو اصل مقصد دين مبين اسلام جي تبليغ ۽ ترويج ڪرڻ آهي ته جيئن ماڻهن کي اسلام جي حقيقي چهري کان روشناس ڪرائي سگهجي لهذا اوهان جون سڀ تحريون اسلامي ضابطه اخلاق جي مخالف نه هجڻ کپن.

2_اوهان فورم تي هر قسم جا بحث مباحثا، مناظرا ڪرڻ۾ آزاد آهيو ان شرط سان ته اهي ڪنهن خاص مذهب، فرقي،شخصيت،ملڪ (سواءِ آمريڪا ۽ اسرائيل جي) جي خلاف نه هجن.

3_ توهان جي طرفان هتي ڪنهن به قسم جو توهين آميز، غير اخلاقي، فحش،فرقه واراڻه مواد، جنسياتي مسئله نه ڇيڙيا ويندا.

4_ اهڙي ڪا به تحرير نه موڪلي ويندي، جيڪا بين الاقوامي، يا مُلڪي قانون جي خلاف هجي..

جيڪڏهن توهان کان اهڙي ڪابه ناشائسته حرڪت ٿي وئي ته توهان تي فورن مستقل پابندي لڳائي ويندي ۽ ٿي سگهي ٿو توهان جي خلاف وڌيڪ قدم کنيا وڃن .
< br > 5_ڪنهن به رڪن کي حق حاصل ناهي ته هو پنهنجي تحرير ۾وطن عزيز پاڪستان يا ولين جي سرزمين سنڌ لاءِ ڪي غلط ،هتڪ آميز جملا لکي ،مشاهدي جي صورت سندس رڪنيت هميشه جي ختم ڪئي ويندي.

تحرير موڪلڻ وقت توهان جي آءِ پي ايڊريس اسان وٽ محفوظ ٿي ويندي آهي.ته جيئن اسان پنهنجي قانونن کي يقيني بڻايون.

6_توهان کي انتظاميا جو اهو اختيار تسليم آهي ته اها توهان جي ڪنهن به تحرير يا موضوع کي ڪنهن به وقت بغير ڪنهن اطلاع جي منتقل، مقفل، بند يا ختم ڪري سگهي.

7_ هڪ رُڪن جي حيثيت ۾ توهان کي اقرار آهي توهان جي طرفان اسان جي ڊيٽابيس ۾ جيڪو مواد تحرير ڪيو وڃي ٿو. ان جي مڪمل ذميواري توهان تي آهي. واضح رهي ته توهان جي معلومات توهان جي اجازت کانسواءِ ڪنهن ٽئين ماڻهو کي نه ڏني ويندي. هيڪنگ جي صورت ۾ تحرير ۾ پيدا ٿيندڙ خرابين جي ذميواري نه ته ”فورم“ تي ۽ نه ئي وي بي انتظاميه تي لاڳو ٿيندي.

8_فورم انتظاميا کي اهو حق حاصل آهي ته اوهان طرفان ڏنل مواد کي اوهان جي کان اجازت وٺڻ کانسواءِ ئي شايع ڪري،ان۾ تبديلي آڻي يا ختم ڪري ڇڏي.

اسين دعاڳو آهيون ته خدا تعالى توهان کي خير عافيت ۽صحت ۽سلامتي عنايت فرمائي،۽ انشاءَ الله اوهان جو ۽اسان جو ساٿ هميشه قائم رهي،.

والسلام.

شيعه دوست فورم انتظاميه