LiveZilla Live Chat Software
نتيجا ڏسو 1 تائين 3 مان ،ڪل3

موضوع: عظيم سنڌي تهذيب کي سلام

  1. #1
    فورم ايڊيٽر
    فيضان جي نمائنده تصوير
    : فيضان آف لائن آهي
    يوزر آئي ڊي : 24
    داخلا جي تاريخ : 11-12-2009
    تحريرون : 831
    موضوعَ
    385
    درجو ڏيو : 10
    Array
    Rep Power : 8
    Array

    اصلي عظيم سنڌي تهذيب کي سلام


    قلمڪار؛نندن ڪمار

    ڪالهه جڏهن سڌارٿ (منهنجو پٽ) جي ڊاڪٽر وٽ Appointment هئي ۽ مان ٽائيم کان پنج منٽ پهرين جڏهن اسپتال پهتس، تڏهن سوچيم پئي ته هيلٿ جي سسٽم کي هنن اهڙو ته پيچيده ڪيو آهي، جو اگر ڪنهن کي مٿي ۾ به سور ٿو ٿئي ته اهو ماڻهو پوءِ ڦاٿو... ڪيترن ئي اسپيشل ڊاڪٽرن جي مختلف تحقيقاتي مرحلن مان کيس گذرڻو ٿو پوي. صحت جي باري ۾ ايترا ته محتاط آهن، جو پوري جرمن قوم هيلٿ انشورڊ آهي ۽ هر ماڻهو جي سراسري عمر 90 کان 95 سال آهي. خير پنجن منٽن کانپوءِ جڏهن مان ڊاڪٽر جي سامهون ويٺو هئس، تڏهن هن پهريون سوال اهو ئي ڪيو، جيڪو هر جرمن ڪندو آهي ته؛ ”ڪٿان کان آيا آهيو“؟ جرمني هڪ Immigrant ملڪ آهي، هتي دنيا جون اڻڳڻت قومون آباد آهن. يورپ جو سڀ کان وڏو انڊسٽريل زون هئڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو روزگار جي سانگي جرمني اچي آباد ٿيا آهن. جرمن ٻولي ۾ Foreigner کي Auslander چئبو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ٻاهران کان آيل يا ڌاريو. هي هر ان ماڻهو کي به Auslander چون، جنهن وٽ ڇو نه جرمن پاسپورٽ ئي هجي. ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ جڏهن اتحادين (آمريڪا، روس، انگلينڊ ۽ فرانس) جرمني جي نئين سر تعمير شروع ڪئي، تڏهن انهيءَ ڦٽل ٿٽل قوم کي انساني وسيلن جي ضرورت پئي ۽ اهڙي ڏکئي وقت ۾ ترڪي پنهنجو بهترين ڪردار نڀائيندي، افرادي قوت جو هڪ وڏو انگ جرمني اماڻيو. اڄ ترڪن جي ٽئين پيڙهي انهيءَ جرمني ۾ پيدا ٿي ۽ جوان ٿي آهي. ترڪي مان آيل اهڙن مزدورن کي Gast arbeiter چوندا هئا، جنهن جي معنيٰ آهي مهمان مزدور ۽ اهڙا مهمان مزدور جڏهن جرمني جي ايئرپورٽن تي لهندا هئا، تڏهن کين گلن جا هار پارائي موسيقي وڄائي سندن آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو هو، اهو ئي سبب هو جو 1950ع جي ڏهاڪي ۾ ڪجهه ايشيا جي ملڪن کي، جن ۾ پاڪستان به شامل آهي جرمني اچڻ لاءِ ويزا جي ضرورت ڪونه هوندي هئي، جنهن جو سبب صرف مزدورن جي کپت هئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ پنجاب جي ضلعي گجرات مان ڪافي سارا ماڻهو جرمني آيا. گجرات واحد ضلعو آهي، جنهن جا ماڻهو سڄي يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. 9 ڪروڙ آبادي واري هن ملڪ ۾ 92 سيڪڙو جرمن ۽ 8 سيڪڙو ٻيا غير جرمن آهن. 8 سيڪڙو مان 6 سيڪڙو ترڪ مسلمان ۽ باقي 2 سيڪڙو سڄي دنيا جون مختلف قومون وسن ٿيون. جرمن ٻين قومن کي اڄ ڏينهن سوڌو ڌاريو سمجهن ٿا. هر پرڏيهي کي هتان جي ٻولي سکڻي پوي ٿي

    ها ته مون ڳالهه پئي ڪئي ڊاڪٽر جي، سو ڊاڪٽر جڏهن پنهنجي پروفيشنل مرڪ ۽ پوءِ روايتي بي رخي (جرمن طريقي سان) مون کان نالو وغيره پڇڻ کانپوءِ ملڪ جو نالو پڇيائين، تڏهن منهنجي زبان مان بي اختيار ”سنڌ“ نڪري ويو، دل ۾ سوچيم هن کي ڪهڙي خبر سنڌ ڪٿي آهي، جلدي ۾ غلطي سڌارڻ خاطر پاڪستان چوڻ لاءِ جيئن ئي Entschuldigung (معنيٰ sorry) چيم، ڊاڪٽر ورائي پاڻ ئي چيو، ”ڇا توهان سنڌ مان آيا آهيو؟“ چيم، ”ها بلڪل“ سنڌ جو نالو ڪنهن جرمن جي واتان ٻڌي اندر ۾ ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي. چيائين، ”توهان موهن جي دڙي واري سنڌ جا آهيو؟“ دل ۾ لڳو هي ڪو جرمن ڊاڪٽر نه پر وڏو اينٿراپالاجسٽ آهي، چيم ”ها، ڇا توهان سنڌ ويا آهيو؟“ چيائين ”نه“، ”پوءِ ڀلا سنڌ بابت ڪيئن ٿا ڄاڻو؟“ چيائين، ”جرمني جي جڳ مشهور رسالي GEO جي اپريل 2010ع واري شماري ۾ جرمني جي مشهور سوشل سائنٽسٽ ۽ آرڪيالاجسٽ Michael Jansen هڪ ڪالم بعنوان؛

    Mohen Jo Daro

    Eine stadt der ratsel am Ufer des Indus

    انگريزي ترجمو:

    Mohen Jo Daro a city of mystery on the banks of the Indus

    لکيو آهي، جنهن کي پڙهيو اٿم، جنهن اهو ثابت ڪيو آهي ته دنيا جي قديم ترين مهذب قوم موهن جي دڙي ۾ آباد هئي، جيڪو سنڌو دريا جي ڪناري تي اڄ کان 4500 سال اڳ آباد هو. اهي سنڌي ماڻهو، سندن آزاد خيال ۽ آرٽ سان بي پناهه محبت جو مثال، اها Dancing girl (ناچڻي) جي مورتي، جنهن جي تصوير ان رسالي ۾ ڇپيل آهي، هن اهو به لکيو آهي ته دنيا جي ڦيٿن تي هلندڙ پهرين ڍڳي گاڏي جو تصور به پهرين انهيءَ قوم ڏنو“. اهو ڊاڪٽر منهنجي ننڍڙي کي چيڪ ڪرڻ وساري ڪيتري دير تائين موهن جي دڙي تي ڳالهائيندو رهيو ۽ پوءِ پنهنجي دراز مان اهو رسالو ڪڍي مون کي ڏيکاريندي چيائين، ”دنيا جي پهرين عظيم مهذب قوم جي ڪنهن فرد سان ملندي مون کي اڄ تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي“. مون اهو رسالو ڊاڪٽر کان گهريو، خوشي خوشي ڏئي ڇڏيائين. جرمن ٻولي ۾ لکيل اهو رسالو پڙهڻ ڏاڍو مشڪل هو، پر موهن جي دڙي جون ورتل تصويرون تمام گهڻيون خوبصورت هيون، پر ڪجهه خاص ڳالهيون، جيڪي آئون پڙهي سگهيو هوس، ان ۾ ڪجهه عالمي تهذيبن جي نرواڻ جون تاريخون هيون. مثال طور (پراڻو عراق)

    1.Mesopotamia: جي شهر Uruk ۾ دنيا جو قديم شهر آباد هو. چون ٿا لکائي جو هنر هتان شروع ٿيو، جيڪو تقريبن 3200 سال پراڻو آهي (هي يوناني تهذيب آهي، جنهن جون سرحدون ترڪي ۽ شام تائين هيون).2.Egypt مصر: جي تهذيب 2550 سال پراڻي آهي. Pharao chephren نالي شهزادي پنهنجي پيءُ King Cheops جي قبر تي غزه ۾ Monumental Pyramid (جنهن احرام مصر به چئون) ٺاهرايا.3.برطانيا Englend: ۾ پٿرن جي دور جون ٺهيل شاهڪار ڪل 2500 سال پراڻا آهن.4.ترڪ تهذيب Anatolia: جي تهذيب 2250 سال پراڻي آهي، جتي Troy نالي قديم شهر آباد هو، ڪاري سمنڊ جي پاسي ۾ باهه ۾ تباهه ٿيو.5.Middle Europe: جي تاريخ 2200 سال پراڻي آهي، جنهن ۾ پتل سان ٺهيل کوڙ سارا نوادرات مليا آهن ۽ اهو دور يورپ جو پٿر جي دور جي پڄاڻي هو.6.Kreta يوناني ٻيٽ، جيڪو 2000 سال پراڻي تهذيب رکي ٿو.7. عراقي شهر بابل ۾ نينوه: 1760 سال پراڻي تهذيب رکن ٿا.

    اهڙي طرح قديم تهذيبن ۾ سڀ کان پراڻي تهذيب موهن جي دڙي واري تهذيب آهي، جيڪا 4500 سال پراڻي آهي ۽ دنيا ۾ سڀ کان پهرين ۽ بهترين آرڪيٽيڪٽ جو بنياد وجهندڙ اها تهذيب سنڌو جي ڪناري تي موجود هئي، انهيءَ جرمن سائنسدان پنهنجي پر ۾ سنڌي ٽوپي سان هڪ سنڌي ماڻهو جي تصوير به ڏني هئائين. سڌارٿ جي نارمل چيڪ اپ کانپوءِ پنهنجو پرسنل ڪارڊ ڏيندي سيٽ کان اٿي بيهي هٿ ملايائين ۽ چيائين، ”سنڌ جي عظيم تهذيب کي سلام ڪريان ٿو“. کيس Vielen Dank چيم، جنهن جي معنيٰ آهي ”تمام گهڻي مهرباني“.

    دروازي مان ٻاهر نڪرڻ تائين هو اسان کي ڏسندو رهيو ۽ هڪ دفعو وري زور سان چيائين Aufwiedev Sehen ”وري به ملنداسون




    ۔::::: سلام يا حسين ::::۔

  2. #2
    فورم ايڊيٽر
    خالد جي نمائنده تصوير
    : خالد آف لائن آهي
    يوزر آئي ڊي : 35
    داخلا جي تاريخ : 05-01-2010
    تحريرون : 331
    موضوعَ
    175
    درجو ڏيو : 10
    Array
    Rep Power : 8
    Array

    اصلي Re: عظيم سنڌي تهذيب کي سلام


    :-) :-)





  3. #3
    رڪن
    : سرائي جاني آف لائن آهي
    يوزر آئي ڊي : 352
    داخلا جي تاريخ : 19-11-2015
    تحريرون : 1
    موضوعَ
    0
    درجو ڏيو : 10
    Array
    Rep Power : 0
    Array

    اصلي جواب: عظيم سنڌي تهذيب کي سلام


    جيئي سنڌوديش مهان .
    حق موجود سنگت .
    ادا اوهان جي لکڻي ۾ وطن سنڌ سان مٺاس وارو جذبو ڏسي ۽ سنڌ جي ازلي دشمن جي سنڌ کي ميسارجڻ جي حماڪت ڏسي يقين ڪيو اکين ۾ آب اچي ويا . . .
    سنڌو ماٿري يقينن لکين ورهين قديم انسان ذات جو مسڪن رهي آ جتي تهذيب جو پڙاڏو ڏورانهان ڏور پکڙيل آهي .
    تاريخ جي ڪن ڪتابن ۾ ائين به ذڪر ٿيل آهي ته سنڌو ماٿري بغداد جي تهذيب کان پوء دنيا جي ٻئين نمبر تي قديم تهذيب آهي جنهن تي اسان کي ” سنڌي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ کپي “ …





موضوع بابت معلومات

هن موضوع کي ڌسندڙ رڪن

هن وقت 1 رڪن موضوع کي ڏسي رهيا آهن (0رڪن ۽ 1 مهمان)

Visitors found this page by searching for:

Nobody landed on this page from a search engine, yet!

هن موضوع جا مکيه لفظ

سوشل نيٽ ورڪنگ بڪ مارڪ

سوشل نيٽ ورڪنگ بڪ مارڪ

تحرير موڪلڻ جا قانون

  • توهان نوان موضوع موڪلي نه ٿا سگهو
  • توهان جواب نه ٿا ڏئي سگهو
  • توهان پنهنجي تحريرن ۾ فائل ڳنڍي نه ٿا سگهو.
  • توهان پنهنجي تحريرن ۾ ترميم ڪري نه ٿا سگهو
  •