LiveZilla Live Chat Software
نتيجا ڏسو 1 تائين 3 مان ،ڪل3

موضوع: ڪراچي ۾ يهودين جي آبادي

  1. #1
    خاص رڪن
    ڪريمي جي نمائنده تصوير
    : ڪريمي آف لائن آهي
    يوزر آئي ڊي : 55
    داخلا جي تاريخ : 12-02-2010
    عمر: 38
    تحريرون : 2,547
    موضوعَ
    457
    درجو ڏيو : 24
    Array
    Rep Power : 11
    Array

    گل2 ڪراچي ۾ يهودين جي آبادي


    ڪراچي ۾ يهودين جي آبادي
    مختار آزاد
    ”منهنجو نالو اسحاق موسيٰ آفيسر آهي ۽ آئون ڪراچي ۾ رهندو آهيان، هتي مقامي اسپتال ۾ ڊاڪٽر طور خدمت انجام ڏئي رهيو آهيان.“ ڪنهن به شخص جو پنهنجي تعارف ۾ اهو چوڻ ڪا خاص معنيٰ نه ٿو رکي پر جڏهن موسيٰ اهو چوي ته آئون هڪ يهودي آهيان ۽ هن وقت ڪراچي ۾ اٽڪل 10 يهودي خاندان گذريل ٻن صدين کان هتي رهن پيا ته اهو ٻڌي ڪوبه شخص حيران ٿيڻ کان سواءِ نه ٿو رهي سگهي.
    اسحاق موسيٰ جي ان انڪشاف کان اڳ خيال هو ته پاڪستان خاص طور ڪراچيءَ ۾ هڪ به بني اسرائيلي نه ٿو رهي. پر هو هتي آباد آهن ۽ پنهنجي مذهبي سڃاڻپ ڳجهي رکي رهن پيا. اسحاق موسيٰ چيو ته اسان جي پنهنجي هڪ ننڍڙي دنيا آهي. منهنجي گهر اجتماعي مذهبي عبادت جو اهتمام ٿيندو آهي. تازو ئي منهنجي پٽ جي بار مٽزواجي رسم ادا ڪئي ئي ان يهودي رسم جو مقصد 13 سالن جي عمر کي پهچندڙ پٽ کي عاقل ۽ بالغ مرد جو درجو ڏيڻ آهي. اسان چاهيون ته آزادي سان مذهبي رسمون ادا ڪري سگهون پر اسان سمجهون ٿا ته پاڻ کي ظاهر ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. اهو اسان لاءِ هڪ قسم جو تحفظ به آهي. اسان نه ٿا چاهيون ته ڪوبه پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ اسان کي استعمال ڪري. يهودي هجڻ باوجود اسان پاڻ کي پارسي ظاهر ڪندا آهيون ۽ اصلي سڃاڻپ ۽ سادگي واري هن زندگي ۾ اسين ڏاڍا خوش آهيون.“ سندس چوڻ آهي ته ”مون کي پاڪستان ڇڏي هليو وڃڻ جي ڪابه خواهش نه آهي پر آئون پنهنجي ڌرتي ماءُ کي ڏسڻ ضرور چاهيان ٿو پر اهو تيستائين ممڪن ناهي جيستائين پاڪستان اسرائيل کي تسليم نه ٿو ڪري. اميد ته ٻنهي ملڪن جا ناتا جلد بهتر ٿي ويندا ۽ آئون پنهنجي مادر وطن ڏسڻ پڄي سگهندس.“
    موسيٰ آفير جا اهي انڪشاف ڪراچي جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ انتهائي اهم آهن. 20 هين صدين جي شروع ۾ ڪراچي ۾ اڍائي هزارن کان وڌيڪ يهودي رهندا هئا، جن جي اڪثريت واپار، سرڪاري نوڪرين ۽ مختلف فنن سان واڳيل هئي. هڪ تحقيق موجب هومراڇي ٻولي ڳالهائيندا هئا جيڪا کين بني اسرائيل ثابت ڪندي هئي. 1893ع ۾ ڪراچي جي يهودين پنهنجي پهرين عبادتگاهه، جنهن کي سنيگاگ چيو ويندو آهي، تعمير ڪئي. ان عبادتگاهه جو نالو ميگن شيلوم سنيگاگ رکيو ويو. 1903ع ۾ سندن پهرين باقاعده رفاحي تنظيم ٺهي، جنهن کي ينگ مين جيوئش ايسوسيئيشن جو نالو ڏنو ويو. ان تنظيم جو مقصد ڪراچي جي يهودين لاءِ ڀلائي جا ڪم ڪرڻ هو. بعد ۾ ”ڪراچي بني اسرئايل رليف فنڊ“ قائم ٿيو، جنهن جو مقصد غريب يهودي باشندن جي مالي مدد ڪرڻ هو. 1918ع ۾ اهي سرگرميون هڪ وک اڳتي وڌيون ۽ بي گهر غريب يهودين کي معمولي رقم عيوض گهر جي ڇت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ ”جيوئش سنڊيڪيٽ“ قائم ڪيو ويو. 1939ع ۾ انهن يهودين جو مقامي اڳواڻ ابراهام ريوبين ڪراچي جي ميونسپلٽي جو پهريون يهودي ڪائونسلر چونڊيو ويو.
    پاڪستان قائم ٿيڻ کان فورن پوءِ 1948ع ۾ اسرائيل قائم ٿيو ۽ ان کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ننڍڙي، يهودي اقليت جو خراب دور شروع ٿيو. بني اسرائيل تي زمين تنگ ٿيڻ واري صديون پراڻو داستان هڪ ڀيرو وري ڪراچي ۾ ورجائجڻ لڳو. 1948ع، 1956ع ۽ 1967ع وارين عرب اسرائيل جنگين ۽ پاڪستاني شدت پسندن جي خوف سبب هو حياتيون بچائڻ لاءِ هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿيا. ايستائين جو 1968ع تائين ڪراچي ۾ يهودي ڪميونٽي جو انگ گهٽجي رڳو 250 رهجي ويو. ان دوران ڪراچيءَ ۾ يهودين جي اڪيلي عبادتگاهه کي به باهه ڏئي ساڙيو ويو. ائين حالتن کي نظر ۾ رکندي باقي بچيل يهودين پنهنجي سڃاڻپ کي ڳجهو رکڻ شروع ڪيو. ڪراچيءَ کان سواءِ پاڪستان ۾ يهودين جو هڪ ننڍو انگ پشاور ۾ به موجود هئو ۽ اتي سندن ٻه عبادتگاهون هيون پر ان عرصي ۾ اهي به لڏي ويا ۽ عبادت گاهون ويران ٿي ويون.
    پاڪستان مان وڏي انگ ۾ يهودين ايران رستي هندستان، اسرائيل ۽ برطانيا هجرت ڪئي. سندن پويان رهجي ويل ڪراچي جو آخري ميگن شيلوم سنيگاگُ 80ع جي ڏهاڪي ۾ ڊاهي ان جي جاءِ تي شاپنگ سينٽر قائم ڪيو ويو. اها عبادت گاهه رنڇوڙ لائين ۾ هئي، جيڪو ڪڏهن پارسي ۽ يهودي ڪميونٽي جو ڳرهه هوندو هئو. ان جي ڊهڻ کان پوءِ ڪراچي کان رملا هجرت ڪري ويل يهودين اتي هڪ سنيگاگ ٺاهيو جنهن جو نالو ڊاٺل عبادتگاهه جي ياد ۾ ميگن شيلوم سنيگاگ رکيو ويو.
    ڪراچي ۾ يهودين جو قبرستان ميوه شاهه ۾ واقع هو، جتي اڄ به ڪراچي جي يهودي رهواسين جون قبرون موجود آهن، ان قبرستان ۾ آخري تدفين سنيگاگ جا امي چوڪيدار هئا جيڪي نوي جي ڏهاڪي جي شروع ۾ دنيا مان ويا. اتي ٻوٽن ۾ گهيريل زمين جي ننڍي ٽڪري تي هڪ ننڍڙو مقبرو آهي جنهن ۾ ڪراچي جي پهرين ۽ آخري يهودي عبادتگاهه شيلوم سنيگاگ ٺهرائيندڙ سولومن ڊيوڊ ۽ سندس گهر واري شيولا ٻائي جون قبرون آهن. سولومن ڊيوڊ بلديه ڪراچي ۾ سرويئر طور ملازم هو. سندس گهر واري به لاڏاڻو ڪري وئي. هاڻ اهو قبرستان مسلمانن جي استعمال ۾ آهي ۽ تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته ان زمين تي ابدي ننڊ سمهڻ جو حق ڪڏهن يهودين کي به حاصل هو.




    [Only registered and activated users can see links. ]

  2. #2
    خاص رڪن
    مخلصي جي نمائنده تصوير
    : مخلصي آف لائن آهي
    يوزر آئي ڊي : 14
    داخلا جي تاريخ : 06-12-2009
    جڳهه : مقصودو رند
    عمر: 39
    تحريرون : 2,453
    موضوعَ
    493
    درجو ڏيو : 11
    Array
    Rep Power : 12
    Array

    اصلي جواب: ڪراچي ۾ يهودين جي آبادي


    ادا بهترين ونڊ آهي ۔۔۔ خبر پئي ته ڪراچي ۾ به يهودي آهن ۔۔۔





    [Only registered and activated users can see links. ]

  3. #3
    خاص رڪن
    ڪريمي جي نمائنده تصوير
    : ڪريمي آف لائن آهي
    يوزر آئي ڊي : 55
    داخلا جي تاريخ : 12-02-2010
    عمر: 38
    تحريرون : 2,547
    موضوعَ
    457
    درجو ڏيو : 24
    Array
    Rep Power : 11
    Array

    اصلي جواب: ڪراچي ۾ يهودين جي آبادي


    نقل قول آخري جواب : مخلصي تحرير جو مشاهدو
    ادا بهترين ونڊ آهي ۔۔۔ خبر پئي ته ڪراچي ۾ به يهودي آهن ۔۔۔
    ادا موٽ ڏيڻ جي مهرباني ۔۔۔۔۔۔۔۔




    [Only registered and activated users can see links. ]

موضوع بابت معلومات

هن موضوع کي ڌسندڙ رڪن

هن وقت 1 رڪن موضوع کي ڏسي رهيا آهن (0رڪن ۽ 1 مهمان)

Visitors found this page by searching for:

Nobody landed on this page from a search engine, yet!

هن موضوع جا مکيه لفظ

سوشل نيٽ ورڪنگ بڪ مارڪ

سوشل نيٽ ورڪنگ بڪ مارڪ

تحرير موڪلڻ جا قانون

  • توهان نوان موضوع موڪلي نه ٿا سگهو
  • توهان جواب نه ٿا ڏئي سگهو
  • توهان پنهنجي تحريرن ۾ فائل ڳنڍي نه ٿا سگهو.
  • توهان پنهنجي تحريرن ۾ ترميم ڪري نه ٿا سگهو
  •