LiveZilla Live Chat Software
نتيجا ڏسو 1 تائين 4 مان ،ڪل4

موضوع: جنهن ڏينهن مسلمان ڪو گناه نه ڪري اهو ڏينهن سندس لاءِ عيد جو ڏينهن آهي ۔

  1. #1
    سينئر رڪن
    : ابوميثم آف لائن آهي
    يوزر آئي ڊي : 125
    داخلا جي تاريخ : 28-05-2011
    جڳهه : karachi
    عمر: 39
    تحريرون : 559
    موضوعَ
    163
    درجو ڏيو : 14
    Array
    Rep Power : 7
    Array

    اصلي جنهن ڏينهن مسلمان ڪو گناه نه ڪري اهو ڏينهن سندس لاءِ عيد جو ڏينهن آهي ۔


    جنهن ڏينهن مسلمان ڪو گناه نه ڪري اهو ڏينهن سندس لاءِ عيد جو ڏينهن آهي ۔
    جنهن ڏينهن مسلمان ڪو گناه نه ڪري اهو ڏينهن سندس لاءِ عيد جو ڏينهن آهي۔ هي مشهور فرمان حضرت علي ڪرم الله وجه جو آهي۔۽ اهو ئي حقيقي عيد جوفلسفو آهي۔اسان پهريان به هي عرض ڪندا رهيا آهيون پر تقرار ۾ فائدو آهي ان لاءِ وري لکي رهيا آهيون ۔ اسان جيڪو سالڪن کان ٻُڌو آهي اهو ئي بيان ڪندا سين۔ همعصرن لاءِ فڪر ۽ بزرگن کان اصلاح جي اميد جا متمني آهيون ۔
    عيد جيڪو عربي لفظ آهي جنهن جو مصدر عود آهي جنهن جي معنى آهي واپس وري اچڻ۔ هاڻي عيد جي ڏينهن انسان ڪيڏانهن وري ايندو آهي يا عيد جي اصطلاحي معنى جا علماءِ حضرات وٽ اسان کي ملي ٿي اها آهي جڏهن انسان پنهنجي مقامِ فطر يعني فطرت تي واپس وري ايندو آهي ته ان کي عيد الفطر چيو ويندو آهي ۔(ڪنهن جيان هن عيد جو نالو ان لاءِ عيد الفطر ناهي ته هن عيد تي فطرا ڏنا ويندا آهن)۔ ان کان پوءِ عيد قربان ۔
    عيد الفطر کي ننڍي عيد ۽ عيدقربان کي وڏي عيد ڇو چيو ويندو آهي هي به هڪ تحقيق طلب يا غور طلب موضوع پڻ آهي۔ ليڪن هتي اختصار کان ڪم وٺندي ، سالڪن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته مقامِ قربان ، مقام فطرت کان گهڻو اعلى آهي ان لاءِ عيد الفطر کي ننڍي ۽ عيد قربان کي وڏي عيد چيو ويندو آهي۔ جڏهن انسان پنهنجو حصو رکي باقي سڀ الله جي راه ۾ خرچ ڪندو آهي ته اهو مقام فطرت آهي ۔ يعني اوهان جي مال ۾ جنهنجو جنهنجو حصو آهي جي اوهان انهن تائين انهن جو حصو پهچايو ته هي ڪنهن تي احسان ناهي بلڪ پنهنجي ڊيوٽي پوري ڪئي آهي ۔ پر جڏهن اوهان جو پنهنجو حصو رهجي وڃي ۽ ان حصي کي الله جي راه ۾ ڏيندو ته اها قرباني چئبي۔
    مشهور واقعو حضرت علي ڪرم الله وجهن جي گهراڻِي جو جڏهن پاڻ حضرت علي عه بيبي فاطمه سلام الله عليها و حسنين ڪريمين عه و جنابِ فضى رحه منت جا روزا رکيا ته مسلسل ٽي ڏينهن عين افطاري جي وقت تي سائل سندن در تي ايندو رهيو۔ ۽ پاڻ ڇو جو سڄي ڏينهن جي ڪمائي مان پنهنجو حصو ڪڍي باقي سڀ الله جي راه ۾ خرچ ڪندا هيا ان ڪري افطاري جي ٽائيم تي جيڪوگهر ۾ پچندو هو اهو ئي فقط سامان هوندو هو انڪري سائل کي پنهنجي حصي جي هر شخصيت جڏهن ٽن ڏينهن تائين ماني ڏيندي رهي ته سندن اهڙي قرباني جو ذڪر سوره دهر ۾ عجيب انداز ۾ پروردگار ڪيو آهي ۔ انهن آيتن کي اوهان غور سان پڙهي ڏسو ته ڇا نه قرباني جو مرتبو پروردگار رکيو آهي ۽ يقينن قرباني معاشري جي مسائلن جي حل ۾ بهترين درس رکي ٿي ۔
    قرباني ايترو ته اهم فريضو آهي جو حڪم آهي ته قرباني قرض کڻي به ڪرڻ گهرجي ۔ آءُ ان لاءِ هڪ پهلو جيڪو عارفن جي نظر ۾ آهي ان کي پيش ڪندس۔
    عارفن جي نظر ۾ هي جيڪو فلسفو آهي ته قرباني قرض کڻي به ڪرڻ گهرجي ان مان مراد هڪڙي اها به آهي ته جي ڪو شخص معاشري ۾ ڪو اهڙو حاجتمند آهي جنهنجي حاجت پوري ڪرڻ ضروري آهي پر معاشري ۾ ان کي ڪو قرض ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي ۔ ٻئي طرف معاشري ۾ ڪو اهڙو ماڻهون به رهي ٿو جنهن کي قرض ملي سگهي ٿو ته جنهن کي قرض ملي سگهي ٿو ان کي گهرجي ته قرض کڻي اها قرباني ڏئي ۔ ان مان مراد اها ناهي ته ڪو گوشت جي قرباني جو قائل ناهيان ۔
    هي فلسفوجي اوهان غور سان ڏسو ته هڪ طرف قرباني فقط حاجي تي ضروري آهي غير حاجي تي قرباني واجب ناهي مستحب عمل آهي۔ هاڻي جنهن تي قرباني واجب آهي يعني حاجيته وري قرض کڻي حج نه ٿو ڪري سگهجي مقروض تي حج فرض ناهي۔ پر قرباني جي باري ۾ ايترو پڻ چيو ويو آهي ته جنهن کي قرض ملي سگهي ٿو ان کي گهرجي ته هو قرض کڻي به قرباني ڪري ۔
    اچون ٿا پنهنجي اصل ڳالھ ڏي ته سائين عيدِ قربان وڏي عيد آهي جڏهن ته عيدالفطر ننڍي عيد آهي ۔
    علماءُ جو چوڻ آهي ته بهترين قرباني اها آهي جا اوهان پاڻ پنهنجي هٿن سان ڪريو ۔ قرباني جو بهترين جانور اهو آهي جيڪو پنهنجي گهر جو پالتو جانور هجي ۔ عارفن جي نظر ۾ اهو ان لاءِ آهي جو ان سان انسان جي نفس جي اصلاح ٿيندي آهي ۔ جا شي گهر ۾ بچپن کان پلي هجي جنهن کي صبح شام اوهان ڏسند هجو ان سان فطري طور تي پيار ٿيندو آهي جڏهن اوهان ان کي پنهنجي هٿن سان ذبح ڪندا ته اوهان جي نفس تي ڪجھ اثر ٿيندو۔ اڄ اسان جنهن پياري شي کي قربان ٿا ڪريون سڀڻي اسان کي هي دنيا هي زدگي جنهن سان سڀ کان وڌيڪ انسان کي پيار هوندو آهي کي ڇڏڻو آهي ان جي تياري پڻ ڪرڻي آهي ۔اڄ اوهان گهٽ پيار واري شي الله جي راه ۾ قربان ڪئي آهي ٿي سگهي ٿو سڀاڻي اوهان کان وڏي قرباني ورتي وڃي
    اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا ان جي حقيقت کان ڪير آهي جيڪو واقف ڪونهي۔ جي الله جي نالي تي ڪو ڪا شي گهري ته گهر ۾ موجود سڀ کان بيڪار شي کڻي ڏيندا آهيو۔ بيبي فاطمه سلام الله عليها جي جڏهن شادي ٿي ٻئي ڏينهن تي پاڻ صلعم جڏهن حضرت علي ڪرم الله وجه جي گهر ۾ آيا ۽ پنهنجي صاحب زادي کي پراڻا پيوند لڳل ڪپڙا ڏٺائون ته فرمايائون اوهان کي اسان جيڪي شادي ۾ نوان ڪپرا ڏنا هيا اهي ناهن پاتا سبحان الله ڇا نه امت تائين پيغام رسائي جو طريقو آهي جنهن رسول اهڙي ڌي جي تربيت ڪئي آهي ڇا ان کي ان معاملي جي خبر ناهي؟ نه ائين ناهي پر هي امت تائين سبق منتقل ڪرڻجو پي ڌيءُ جو پرگرام آهي سائڻ جواب ڏنو بابا مون اهو وڳو الله جي راه ۾ ڏئي ڇڏيو هڪ پاڙي جي عورت آئي ان سوال ڪيو ته ان وت پائڻ لاءِ ڪپڙا ناهن مون ان کي اهو وڳو کڻي ڏئي ڇڏيو پاڻ صلعم فرمايو هي پراڻا ڪپڙا اوهان انهن کي ڏيو ها نوان پاڻ وٽ رکو ها ته بيبي فرمايو بابا اوهان جو ئي درس آهي ته الله جي راه ۾ سڀ کان پسنديده شي جي قرباني ڏيو اهو جوڙو مونکي پسند هو ان لاءِ مون اهو جوڙو ان عورت کي ڏنو۔
    يقينن عيدِ قربان جي ذبيحي جو وڏو مقام آهي جڏهن انسان ڪنهن غريب جي در تي هلي ويندو آهي ته هو پنهنجي غرور و تڪبر کي لتاڙي فقط قربتِ الاهي جي ڪري ان وٽ ويندو آهي ۔ عيد جي انهن ڏينهن ۾ ماڻهون پري پري کان پنهنجي ڳوٺن ۾ ورندا آهن پنهنجي غريب غربا مٽن مائٽن سان ملندا آهن ۔ اسلام جي هر رڪن جا هزارين پهلو نڪرن ٿا جن سان معاشري جي اصلاح جا ڪئي راز جُڙيل آهن۔
    پر اسان کي انهن ڏينهن جي حقيقت کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي۔ جي اسان حقيقي معرفت بنان انهن ڏينهن کي ملهائيندا رهيا سين ته اسان ڪڏهن به انهن ڏينهن جي افاديت مان ڪو فائدو نه وٺي سگهندا سين
    پوءِ علامه اقبال جيان
    حقيقت خرافات ۾ کو گئي
    يه امت روايات ۾ کو گئي
    بُجهي عشق ڪي آگ اندهير هي
    مسلمان نهين خاڪ ڪا ڍير هي
    جي اسان واقعي انهن ڏينهن مان سبق ورتو ۽ پنهنجي مقامِ فطرت کان به اڳڀرا ٿي ڪري مقا۾ِ قربان جي منزل تي فائض ٿيا سون ته هي معاشرو جنت جو ڏيک ڏيندو نه فقط ڏيک ڏيندو بلڪه حقيقي معنى ۾ جنت هوندو جتي نه بي سڪوني هوندي نه بي چيني هوندي نه اضطراب هوندو ۔ اهوئي انسان جو مقام آهي ۽ اهو مقام تڏهن ملندو جڏهن انسان گناهن جي پاداش کان بچندو۔شايد ان لاءِ حضرت علي ڪرم الله وجه فرمايو ته جنهن ڏينهن مسلمان ڪو گناه نه ڪري سو ڏينهن سندس لاءِ عيد جو ڏينهن آهي۔
    اسان کي سالڪن ائين سمجهايوآهي ۔
    وسلاما




    آخري ترميم: ابوميثم ،26-10-2012 تي انجام ڏني آهي

  2. #2
    خاص رڪن
    مجاهد حسين جي نمائنده تصوير
    : مجاهد حسين آف لائن آهي
    يوزر آئي ڊي : 117
    داخلا جي تاريخ : 06-05-2011
    جڳهه : مقصودو رند
    عمر: 29
    تحريرون : 820
    موضوعَ
    178
    درجو ڏيو : 19
    Array
    Rep Power : 7
    Array

    اصلي جواب: جنهن ڏينهن مسلمان ڪو گناه نه ڪري اهو ڏينهن سندس لاءِ عيد جو ڏينهن آهي ۔


    ادا تمام بهترين تحرير آهي۔





  3. #3
    نائب منتظم
    اسدي جي نمائنده تصوير
    : اسدي آف لائن آهي
    يوزر آئي ڊي : 3
    داخلا جي تاريخ : 12-11-2009
    تحريرون : 1,250
    موضوعَ
    332
    درجو ڏيو : 11
    Array
    Rep Power : 10
    Array

    اصلي جواب: جنهن ڏينهن مسلمان ڪو گناه نه ڪري اهو ڏينهن سندس لاءِ عيد جو ڏينهن آهي ۔


    سائين بهترين پوسٽ شئير ڪئي اٿو




    الاهي و ربي من لي غيرک

  4. #4
    منتظم اعلى
    admin جي نمائنده تصوير
    : admin آف لائن آهي
    يوزر آئي ڊي : 1
    داخلا جي تاريخ : 04-11-2009
    جڳهه : سنڌ
    عمر: 32
    تحريرون : 1,866
    موضوعَ
    698
    درجو ڏيو : 15
    Array
    Rep Power : 10
    Array

    اصلي جواب: جنهن ڏينهن مسلمان ڪو گناه نه ڪري اهو ڏينهن سندس لاءِ عيد جو ڏينهن آهي ۔


    ماشاء الله سائين الله سائين اسان کي به اهڙيون عيدون نصيب فرمائي





موضوع بابت معلومات

هن موضوع کي ڌسندڙ رڪن

هن وقت 1 رڪن موضوع کي ڏسي رهيا آهن (0رڪن ۽ 1 مهمان)

Visitors found this page by searching for:

Nobody landed on this page from a search engine, yet!

هن موضوع جا مکيه لفظ

سوشل نيٽ ورڪنگ بڪ مارڪ

سوشل نيٽ ورڪنگ بڪ مارڪ

تحرير موڪلڻ جا قانون

  • توهان نوان موضوع موڪلي نه ٿا سگهو
  • توهان جواب نه ٿا ڏئي سگهو
  • توهان پنهنجي تحريرن ۾ فائل ڳنڍي نه ٿا سگهو.
  • توهان پنهنجي تحريرن ۾ ترميم ڪري نه ٿا سگهو
  •