LiveZilla Live Chat Software
نتيجا ڏسو 1 تائين 3 مان ،ڪل3

موضوع: پاڻ مرادو پڙهڻ

  1. #1
    فعال رڪن
    شعيب معمد جي نمائنده تصوير
    : شعيب معمد آف لائن آهي
    يوزر آئي ڊي : 149
    داخلا جي تاريخ : 04-09-2011
    جڳهه : sukkur
    عمر: 32
    تحريرون : 72
    موضوعَ
    20
    درجو ڏيو : 10
    Array
    Rep Power : 8
    Array

    اصلي پاڻ مرادو پڙهڻ


    هن وقت سڄي دنيا ۾ پاڻ مرادو پڙهڻ تي خاص دلچسپي ڏسڻ ۾ ٿي اچي ان جو سبب هي آهي ته موجوده سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي دور ۾ سکڻ ۽ سيکارڻ جو عمل به جديد ٿي ويو آهي هاڻي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي وسيلي گهر ويٺي ئي پڙهي سگهجي ٿو ۽ سڄي دنيا ۾ هن وقت ڪروڙين ماڻهون گهر ويٺي پڙهي رهيا آهن ۽ پنهنجي علم ۽ تعليمي قابليت کي وڌائي رهيا آهن ڇو ته سکڻ جو عمل انسان جي اندر قدرتي طور تي موجود هوندو آهي ء اهو ضروري ڪو نه آهي ته ڪو خاص استاد توهان جي سامهون هجي ء هو اوهان کي سيکاري پوء ئي توهان کي ڳالهه سمجهه ۾ ايندي پر فطري طور تي انسان پنهنجي اڳيان جيڪو ڪجهه ڏسي پيو ان کي آسانيء سان سمجهي ٿو سگهي اهڙي ئي طرح پڙهن لکڻ به انسان ائين ئي سکي سگهي ٿو هاڻي اچو ته اسان پڙهڻ ء پڙهائڻ جي تاريخ تي نظر وجهون شروعاتي دور ۾ تاريخ جي مطابق پڙهڻ ء پڙهائڻ جي شروعات حضرت آدم عليه سلام جي پوهٽي حضرت ادريس عليه سلام ڪئي
    تڏهن سندس نالو ادريس معني درس مان پيو ۽ دنيا ۾ سڀ کان پهرين درس ۽ تدريس جي شروعات ٿي سڀ کان پهريان ادارا قائم ڪيا ويا ۽ مدرسا سسٽم شروع ٿيو جتي استادشاگردن کي پڙهائيندا هئا پر بعد ۾ ان نظام ۾ نئين جدت تڏهن آهي جڏهن آڪسفورڊ يونيورسٽي قائم ٿئي ان جو مقصد به اهو هو ته سڀني شعبن جا عالم ۽ علم هڪ جاء تي گڏ ڪجن جيئن علم پرائڻ ۾ آساني ٿئي
    ڇو جو دنيا ۾ ڪنهن به ايجاد جي پٺيان ڪا سائنس جي هڪ شاخ ڪم ڪو نه ڪندي آهي پر مختلف سائنسي شاخون ملي ڪري ڪا نئين ايجاد ڪنديون آهن مثال جي طور تي اسان اگر ڪمپيوٽر کي ئي وٺئون ته ان ۾ سائنس جي ڪيترن ئي شاخن ملي ڪري ان کي ايجاد ڪيو آهي ان ۾ اليڪٽريڪل سائنس سافٽ ويئر انجينيرنگ پهرين نمبر تي آهن
    ان سڄي بحث ڪرڻ جو حاصل مطلب اهو آهي ته هن وقت انٽرنيٽ به هڪ يونيورسٽي ٿي وئي آهي اڳي وڏي مشڪل سان يونيورسٽيون قائم ٿينديون هيون انهن ۾ مواد ڪٺو ڪيو ويندو هو ۽ سڀني شعبن جا عالم مقرر ڪيا ويندا هئا پر هاڻي سڄي دنيا جا علم لائبريريون آڊيو ويڊيو ڪلاسز ۽ سڄي دنيا جي مڪمل ڄاڻ انٽرنيٽ وسيلي اسان وٽ موجود آهي ۽ اها اسان جي موجوده نسل جي خوشقسمتي آهي
    اچو ته هاڻي ان ڳالهه تي بحث ٿا ڪريون ته ڪهڙي طريقي سان انٽرنيٽ وسيلي پڙهي سگهجي ٿو
    گوگل: گوگل سرچ هن وقت سرچ جي حساب سان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ويب سائيٽ آهي هن ۾ هر قسم جي معلومات کي آرام سان سرچ ڪري سگهجي ٿو هاڻي گوگل ۾ پهريان کان به وڌيڪ نواڻ اچي چڪي آهي
    موجوده وقت ۾ گوگل کي ڪجهه هن طرح ڊيزائن ڪيو ويو آهي ته جنهن به موضوع جي اسان کي معومات کپي ان کي سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪرڻ واري معلومات اسان وٽ اچي ويندي مثال جي طور تي مان گوگل ۾ پنهنجي شهر سکر جو نالو لکيو ته سڀ کان پهريان سکر بيراج ۽ سکر آبي اي لکجي آيو ان جو مطلب اهو ٿيو ته سڄي دنيا ۾ سکر جي باري ۾ سڀ کان وڌيڪ معلومات انٽرنيٽ تي انهن جي باري ۾ ورتي وئي آهي ۽ ان ٽاپڪ کي سرچ ڪيو ويو آهي
    ان سرچ جو اهو فائدو ٿيندو آهي ته دنيا جون وڌيڪ ڪم واريون سرچز ۽ معلومات اسان وٽ هڪدم پهڇي ويندي آهي
    هن وقت گوگل دنيا جي سڀ کان وڏي سرچ ويب سائيٽ آهي جنهن ۾ نه صرف ويب سرچز آهن پر اميجز ٽرانسليٽ جيميل ۽ ڪتابن تي مشتمل آهي ان جي وڏي افاديت کي ڏسي دنيا جا ماڻهون ان کي پروفيسر گوگل چوندا آهن
    ان کان علاوه هن وقت آن لائن لائبريري جي موضوع تي اسان وٽ هزارين ويب سائيٽس آهن جنهن ۾ سڄي دنيا جا ڪتاب موجود آهن اسان گهر ويٺي سڄي دنيا جي ڪتابن جو مطالعو تمام آساني سان ڪري سگهون ٿا ان کان علاوه ويڊيو ايجوڪيشنل ٽيوبس جي به ڀرمار آهي جنهن ۾ مختلف سبجيڪٽس جي ماهر پروفيسرز جا ويڊيو ليڪچر پڻ شامل آهن ان کان علاوه هر ٽاپڪ تي ويڊيو ڊاڪيومينٽريز پڻ موجود آهن نه صرف ايترو پر اسان جي پنهنجن مشرقي ٻولين سنڌي اردو ادب شاعري ۽ هر قسم جو مواد پڻ موجود آهي ان کان علاوه سڄي دنيا جا رسالا اخبارون علمي ادبي ۽ سماجي فورم پڻ انٽرنيٽ تي وڏي مقدار ۾ موجود آهن ۽ هاڻي روايتي تعليمي نظام کان هٽي ڪري سڄي دنيا ۾ آن لائن ايجوڪيشن ورتي پئي وڃي ۽ اسان دنيا جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي ٻئي ڪنڊ مان تعليم پرائي سگهون ٿا
    سڄي دنيا ۾ هزارين اهڙا ادارا کلي چڪا آهن جنهن جو مقصد ئي آن لائن ايجوڪيشن ڏيڻ آهي ۽ اهي ادارا روايتي تعليمي ادارن کان هر گز گهٽ ڪو نه آهن ۽ انهن جا شاگرد سڄي دنيا ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن ان ڳالهه مان اسان کي خبر پوي ٿي ته موجوده دور ۾ اسان گهر ويٺي پڙهي سگهون ٿا ۽ اگر اسان ڪنهن به روايتي تعليمي اداري ۾ پڙهي رهيا آهيون ته اسان انٽرنيٽ جي وسيلي پنهنجي تعليم ۽ سکڻ جي عمل کي بهتر بڻائي سگهون ٿا
    هاڻي ان جو مان توهان کي هڪ بهترين طريقو ٻڌائي رهيو آهيان ننڍي هوندي کان وٺي اسان اسڪول ۾ ۽ ڪاليج ۾ مختلف سبق روز بروز پڙهندا آهيون اگر هر سبق جو روزاني بنياد تي انٽرنيٽ تي به بهرو وٺجي ته سکڻ جي عمل ۾ يقينن تمام گهڻو اضافو ٿيندو مثال جي طور تي پيرس جو سير هڪ سبق جو نالو آهي ۽ ان ۾ ايفل ٽاور جو ذڪر آهي اگر اسان ان جو انٽرنيٽ تي جائزو وٺنداسين ته سڄي شهر جو منظر ويديوز تاريخ اسان جي سامهون اچي ويندي ۽ ظاهر آهي ته جڏهن پڙهڻ سان گڏ جڏهن ڏسڻ جو عمل به شامل ٿي ويندو ته سکڻ ۽ سمجهڻ جو عمل ٻيڻو ٿي ويندو
    اهڙي طريقي سان سائنس آرٽس ۽ ڪامرس جا سبجيڪٽ سمجهڻ ۾ اسان کي ٻيڻو فائدو ٿيندو ۽ اسڪول ڪاليج کان وٺي ڪري يونيورسٽي ليول تائين اسان کي ڀرپور فائدو ٿيندو
    ۽ آخر ۾ مان پنهنجن سڀني پڙهندڙن کي ۽ خاص ڪري استادن کي اها گذارش ڪندس ته اهي روزاني بنياد تي ٽاپڪ پڙهائڻ سان گڏوگڏ شاگردن کي ان بابت انٽرنيٽ لنڪس به ٻڌائن ته جيئن شاگردن ۾ پاڻ مرادو پڙهڻ جو شوق پيدا ٿئي
    ان سان اسان جي شاگردن استادن ۽ سموري معاشري ۾ هڪ نئون انقلاب پيدا ٿيندو ۽ اسان پنهنجي تعليمي معيار کي پڻ بين القوامي معيار تي پڻ پهچائي سگهنداسين





  2. #2
    منتظم اعلى
    admin جي نمائنده تصوير
    : admin آف لائن آهي
    يوزر آئي ڊي : 1
    داخلا جي تاريخ : 04-11-2009
    جڳهه : سنڌ
    عمر: 33
    تحريرون : 1,866
    موضوعَ
    698
    درجو ڏيو : 15
    Array
    Rep Power : 10
    Array

    اصلي جواب: پاڻ مرادو پڙهڻ


    ادا ماشاالله تمام سٺي ۽ معلوماتي ونڊ آهي، ادا بلڪل اڄڪلهه انٽرنيٽ انسانن لا معلومات حاصل ڪرڻ ۽ ونڊڻ نهايت سولو ٿي پيو ئاهي ليڪن افسوس جو اسان وٽ ماڻهن کي ان مان فائدو حاصل ڪرڻ جو شعور تمام گهٽ آهي





  3. #3
    فورم ايڊيٽر
    نظيربهشتي جي نمائنده تصوير
    : نظيربهشتي آف لائن آهي
    يوزر آئي ڊي : 53
    داخلا جي تاريخ : 10-02-2010
    جڳهه : قم المقدسه ايران
    تحريرون : 2,093
    موضوعَ
    163
    درجو ڏيو : 20
    Array
    Rep Power : 11
    Array

    اصلي جواب: پاڻ مرادو پڙهڻ


    ادا زبردست معلوماتي تحرير ونڊ ڪئي اٿو اسان سڀني کي ان جي تبليغ ڪرڻي پوندي۔ باقي اهو ته معلوم آهي انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ وارا گهڻا آهن پر منفي پهلوئن ۾ استعمال ڪري رهيا آهن۔ انهن ماڻهن جي تعداد صفا گهٽ آهي جيڪي هاڪاري پهلوئن خاص ڪري پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ سمجهڻ سمجهائڻ لاءِ انٽرنيٽ استعمال ڪندا هجن۔ وري به اسان کي ان لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، جاکوڙ ڪرڻي پوندي تڏهن ئي وڃي ڪي مثبت نتيجا حاصل ڪندا سين




    جي ڀانئين جنتي ٿيان ٿي حيدر جو حبدار
    بنا حب حيدر جي اٿئي بندگي بيڪار
    کوڙ ڪرين خيراتون توڙي ڪرين حج هزار
    ان مان بهشت ئي بيزار جنهن کي عشق ناهي علي سان

موضوع بابت معلومات

هن موضوع کي ڌسندڙ رڪن

هن وقت 1 رڪن موضوع کي ڏسي رهيا آهن (0رڪن ۽ 1 مهمان)

Visitors found this page by searching for:

Nobody landed on this page from a search engine, yet!

هن موضوع جا مکيه لفظ

سوشل نيٽ ورڪنگ بڪ مارڪ

سوشل نيٽ ورڪنگ بڪ مارڪ

تحرير موڪلڻ جا قانون

  • توهان نوان موضوع موڪلي نه ٿا سگهو
  • توهان جواب نه ٿا ڏئي سگهو
  • توهان پنهنجي تحريرن ۾ فائل ڳنڍي نه ٿا سگهو.
  • توهان پنهنجي تحريرن ۾ ترميم ڪري نه ٿا سگهو
  •