اڄ جو انسان پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويو آهي جو هن وٽ فطرتي ۽ قدرتي حسن ڏسڻ جو به وقت نه آهي. هن خوبصورت منظرن ۽ قدرتي شاهڪارن مان لطف وٺڻ هي ڇڏي ڏنو آهي. ڌرتي جي هر هڪ شيء ۾ سونهن سمايل آهي، قدم قدم تي رنگ ئي رنگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهڙي طرح هڪ تاريخي حيثيت رکندڙ مقام لوڻ جي حوالي سان وڏي شهرت رکي ٿو. ضلعي جهلم جي تحصيل پنڊ دادن خان ۾ دنيا جي قديم ترين لوڻ جي کاڻ موجود آهي. پنڊ دادن خان اهو ئي علائقو آهي جتي معروف سائنسدان محمد ريحان ابو البيروني زمين جو محيط (وچ) ماپيو هو. هن سالٽ رينج جي ڊيگھ 300 ڪلوميٽر، ويڪر 10 کان 30 ڪلوميٽر ۽ جڏهن ته انهن پهاڙن جي اونچائي 2،200 فُٽ آهي. پهاڙي سلسلو ضلعي جهلم، باغان والي کان وٺي ضلعي ميان والي کان ٿيندو سرحد جي علائقي ڪڙڪ تائين پڄي ٿو.

هن علائقي ۾ لوڻ جي دريافت تمام دلچسپ طريقي سان ٿي. جڏهن سڪندرِاعظم (Alexander The Great) دنيا فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو ته، هِن علائقي جي بادشاھ راجه پورس سان هن جي جنگ ٿي. سڪندرِاعظم جي فوج جهلم جي ڪناري، جلال پور شريف جي ويجهو ترسي ۽ جنهن گهوڙن تي هو سوار هئا، انهن کي به اُتي ٻڌي ڇڏيائون. ٿوري ئي دير کانپوءِ گهوڙن پٿر چٽڻ شروع ڪيا، سپاهي اهو سڀ ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي ويا ۽ سڪندراعظم جي خدمت ۾ سڄو قصو بيان ڪيو، خبر پئي ته پٿر لوڻ جو هو، جنهن کي چٽڻ کانپوءِ گهوڙا تازا توانا ٿي ويا. اهڙي طرح لوڻ جي دريافت کيوڙه ۾ ٿي. ٻي داستان جيڪا کيوڙه جي باري ۾ مشهور آهي ته جڏهن سڪندراعظم کي لوڻ جو پٿر ڏيکاريو ويو ته هن وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. کيوڙه سڪندراعظم جي فوج ۾ هڪ يوناني سپاهي هو، جنهن پهريون دفعو هن علائقي ۾ کاڻ سازي (مائيننگ) ڪئي ۽ ان جي نالي تي هن علائقي ۽ کاڻ جو نالو مشهور آهي. ان وقت لوڻ ڪڍڻ جو ڪو به باقاعده طريقو موجود نه هو، ڇاڪاڻ ته تڏهن کاڻ سازي جو عمل ايترو وسيع ڪونه هو، جتي لوڻ نظر ايندو هو اهو ٽڪرو ڪٽي وٺندا هئا. ان کانپوءِ هي کاڻ مقامي راجه خريد ڪئي. مغل بادشاه اڪبر جي دور ۾ به هٿوڙن ۽ ٻين اوزارن ذريعي لوڻ ڪڍيو ويندو هو. مغل بادشاه جڏهن پنجاب ۾ وڏي طاقت بڻجي اُڀريا ته انهن هن کاڻ جو ڪنٽرول مقامي راجا ۽ سردارن جي حوالي ڪيو. کاڻ تي راجه، مها راجه جو ڪنٽرول ان وقت تائين رهيو جيستائين سِک پنجاب تي غالب نه آيا. 1849 ۾ برطانيه هن علائقي تي قبضو ڪيو ته هن جي مالڪي انهن شروع ڪري ڇڏي ۽ پهريون دفعو هتي ڪمپريسر ڊرلر استعمال ڪيو ويو. کاڻ ۾ ڪم ڪرڻ وارن مقامي ماڻهن سان غلامي وارو رويو رکيو ويندو هو ۽ انهن کي برطانيه سامراج جي خلاف نفرت وڌڻ لڳي ۽ مزاحمت تي مجبور ٿي پيا. مائينرز ۽ مزدورن کي روزانه کاڻ ۾ داخل ڪري گيٽ بند ڪيو ويندو هو جنهن جي ڪري سڀني ملي ڪري احتجاجي طور تي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهي احتجاج کي ناڪام ڪرڻ لاءِ چيف انجنيئر مائين ڊاڪٽر ورٿ دهلي مان فوج طلب ڪري ڪيترن ئي مزدورن کي موت جي سزا ڏئي ڇڏي. ان دور ۾ لوڻ ڪڍندي ڪڍندي کاڻ جي ڇهين منزل ٺهي چڪي هئي، مزور هڪ منزل کان بي منزل وڃڻ لاءِ لوڻ جا ٽوڪرا مٿي تي کڻي سفر ڪندا هئا، جيڪو تمام مشڪل ڪم هو. ڊاڪٽر ورٿ، جيڪو انتهائي سمجهدار شخص ۽ پيشي جي لحاظ کان انجنيئر هو، کاڻ ۾ ريل جي پٽڙي وڇائڻ جو منصوبو تيار ڪيو ۽ گهڻي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ ريل کي باقائده طور استعمال ۾ آندو ويو. ڊاڪٽر ورٿ لوڻ حاصل ڪرڻ لاءِ “روم ايند پلر” جو طريقو استعمال ڪيو جيڪو اڄ تائين رائج آهي، هن طريقي تحت 50 سيڪڙو لوڻ مائين ڪيو ويندو هو ۽ 50 سيڪڙو سپورٽ لاءِ ڇڏيو ويندو هو. ان وقت ٻاڦ (اسٽيم) انجڻ تي ريل به هلائي وئي ۽ کاڻ اندر سرنگهون (tunnels) به ٺاهيا ويا ته جيئن لوڻ ڍوئڻ ۾ ڪنهن مشڪل کي منهن نه ڏيٽو پوي.