سري لنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم دلچسپ مقابلي کانپوءِ انگلينڊ کي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ 2015ع جي ايونٽ ۾ لاڳيتو ٽين ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. نيوزيلينڊ جي شهر ويلنگٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ جي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مقرر ڪيل پنجاهه اوورن ۾ انگلينڊ جي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 309 رنسون ٺاهيون ۽ سري لنڪا کي ميچ کٽڻ لاءِ 310 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. انگلينڊ پاران جوئي روٽ 121 رنسون ٺاهيون جڏهن ته بيل 49، بٽلر 39، ٽيلر 25، مورگن 27 معين علي 15 رنسن سان نمايان رهيا. سري لنڪا جي بالرن ۾ ليسٿ ملنگا، راس لڪمل، ميٿيوز، دلشن، هيراٿ ۽ پريرا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ سري لينڪا جي ٽيم ٿري ماني ۽ سنگاڪارا جي شاندار بيٽنگ جي ڪري 310 رنسن جو جبل جيڏو ٽارگيٽ صرف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. سري لنڪا پاران ٿري ماني197 بالن تي 139 ۽ سنگاڪارا 116 بالن تي 117 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. جڏهن ته دلشن 44 رنسون ٺاهيون. انگلينڊ پاران واحد وڪيٽ معين علي حاصل ڪئي. ڪمار سنگاڪارا کي شاندار بيٽنگ ڪرڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.