سڊني (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ورلڊڪپ ۾ سفر ختم ٿي ويو، قومي ٽيم اڄ سڊنيءَ کان ڏيهه رواني ٿيندي، خابروا داري موجب ايڊيليڊ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي هارائي واپسيءَ جي ٽڪيٽ ڪٽرائي ڇڏي ٿئي، گرين شرٽن جي ميگا ايوينٽ ڪارڪردگي شروعات کان ئي غير يقينيءَ واري رهي هئي، هنن شروعاتي ميچون هارائڻ کان پوءِ زمبابوي، يو اي اي، ڏکڻ آفريڪا ۽ آئرلينڊ کي هارائي آخري اٺن ٽيمن ۾ جاءِ ٺاهي هئي. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏيل ڪوارٽر فائنل ۾ قسمت پاڪستان ٽيم جو ساٿ نه ڏنو، جڏهن ته پاڪستان ٽيم هر شعبي ۾ فلاپ ٿيڻ کان پوءِ ڪينگروز کان اهم ميچ هارائي ايوينٽ کان ٻاهر ٿي وئي. ورلڊڪپ ۾ پنهنجو سفر ختم ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ٽيم اڄ سڊنيءَ کان ڏيهه لاءِ رواني ٿيندي. آسٽريليا کان ورلڊڪپ ڪوارٽر فائنل هارائڻ کان پوءِ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊي شاهد آفريديءَ جو ون ڊي ڪيريئر به ختم ٿي ويو آهي. ڪپتان مصباح الحق 2002ع ۾ نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي کان ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي، 2007ع جي ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جي ٽُڪ ٽُڪ مصباح جارحاڻي انداز اپنايو ۽ ٽيم کي فائنل تائين رسايو، پر اتي به سندس قسمت ساٿ نه ڏنو، ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ جو آل رائونڊر شاهد آفريديءَ جو 1996ع نيروبيءَ ۾ اڀرندڙ سج ايڊيليڊ جي ميدان تي لهي ويو، پنهنجي ٻين ون ڊي مي تيز ترين سينچري ٺاهي شاهد آفريديءَ ڪرڪيٽ دنيا تي ڇائنجي ويو هو. جڏهن ته ٻين ڪيترن ئي ڪپتانن سميت مصباح الحق جي حق ۾ به نه ٽي ٽوئنٽي ۽ نه ئي ڪرڪيٽ ون ڊي جو ورلڊڪپ حصي ۾ آيو، جڏهن ته کيس ون ڊي مي سينچري اسڪور نه ڪرڻ جو ارمان به سڄي زندگي رهندو.