پردو ۽ اسلام



پردو ۽ اسلام جو پاڻ ۾ اڻٽر تعلق آهي، اسلام صالح عورت کي پردي جي تاڪيد ڪري ٿو. قومن جي زندگي ۾ عورت جو ڪردار وڌيڪ اهم سمجهيو ويندو آهي ۽ قومن جي وڏائي، اعليٰ مقام ۽ سٺو اخلاق به عورت سبب ملندو آهي، ڇو ته ٻار جي پهرين درسگاهه ماءُ جو هنج آهي. عربي جي هڪ چوڻي آهي ته عورتون تهذيب جي عمارت جو بنيادي ٿنڀو آهي. عورت الله جي لطف، جمال ۽ تخليق جو بهترين مظهر آهن، جڏهن شيطان ڪنهن معاشري کي تباهه ڪرڻ چاهيندو آهي ته هو سڀ کان پهريان عورت جي حياءَ تي حملو ڪندو آهي. اهو ئي سندس پهريون حملو هو جيڪو هن حضرت آدم ۽ بي بي حوا تي ڪيو هو. حصور نبي ڪريمﷺ جو ارشاد آهي ته هر دين جي هڪ امتيازي وصف هوندي آهي ۽ اسلام جي بنيادي وصف حياءُ آهي يعني حياءُ مسلمانن جي سڃاڻپ ۽ بنيادي وصف آهي، جنهن سبب انسان کي اشرف المخلوقات جو درجو مليو آهي.
عورت مان جيڪڏهن شرم جي صفت ختم ٿي وڃي ته معاشرو حيوانيت جو شڪار ٿي نسلن جي خراب حد تائين پهچي ويندو آهي. شرم، پردو، عفت ۽ عصمت هڪ سڄو زندگي جو نظام آهي جيڪو اسلام هڪ عورت کي عطا ڪري ٿو ۽ ان سبب عورت کي عزت ملندي آهي.