مڪو پاڪ( م ڊ) مڪي ۾ حج جا فرض ادا ڪندي رمي دوران ڀاڄ سبب 717 حاجي لتاڙجي شهيد ٿي ويا. جڏهن ته 863 حاجين جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. حج جي رسمن دوران منيٰ ۾ شيطان کي پٿريون هڻن دوران ڀاڄ پئجي وئي. جنهن سبب ڪيترائي حاجي لتاڙجي شهيد ۽ زخمي ٿي پيا. اطلاعن موجب 717 حاجي شهيد ٿيا، جنهن ۾ 2 پاڪستاني عارف ۽ خليل به شامل آهن. 863 کان وڌيڪ حاجي زخمي ٿيل آهن. حادثو مڪتب نمبر 93 تي پيش آيو. جتي گهڻو ڪري الجزائر جا شهري موجود هوندا آهن. سعودي وقت موجب صبح جو 9 وڳي حادثو پيش آيو. سعودي عرب جي شهري بچاءَ کاتي موجب هي حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن جمرات وٽ حاجي شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ موجود هئا. هڪ ئي جاءِ تي حاجين جي وڏي انگ ۾ گڏجڻ سبب لتاڙ ٿي ۽ شهادتون ٿيون. واقعي بعد امدادي ادارا ۽ سعودي انتظاميا تحرڪ ۾ اچي وئي. زخمين کي 4 مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو. واقعي کانپوءِ وڌيڪ حاجين کي پٿريون هڻڻ واري جاءِ تي وڃڻ کان روڪيو ويو. ان دوران به بدنظمي ٿي. سعودي عملدارن موجب 400 جي لڳ ڀڳ امدادي ڪارڪنن ۽ 220 ايمبولينسن امدادي سرگرمين لاءِ ڪم ڪيو. واضح رهي ته گذريل سال بهتر انتظامن سبب ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو. هوڏانهن 7 پاڪستانين جي شهيد ٿيڻ جا اطلاع مليا. جن ۾ لاهور واسي حاجي عارف ۽ خليل به شامل آهن ۽ مردان واسي عبدالمالڪ شامل آهي. 100 ڀارتي حاجي شهيد ٿي ويا ۽ 43 ايراني پانڌيئڙا به حادثي جو شڪار ٿي ويا. جڏهن ته اڪثريت الجزائرين ۽ ٻين آفريڪين جي آهي. ابتدائي رپورٽ موجب گهڻيون شهادتون ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيون. انتظاميا موجب نظم ضبط جي کوٽ سبب واقعو پيش آيو. اطلاعن موجب منيٰ ۾ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي. سعودي بادشاهه به واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ انتظامن جو جائزو ورتو ۽ واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ڏنو آهي.