مٽي تي سجدو حصو ٻيون
4_ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي اصحاب ۽ تابعين جي سيرت ۽ انهن جا اقوال به هن باب ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي سنت کي بيان ڪن ٿا:
جابر بن عبد الله انصاري چون ٿا:
کنت اصلي الظهر مع رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم فاخذ قبضة من الحصاء لتبرد في کفي اضعها لجبهتي اسجد عليها لشدة الحر،) سنن بيهقي، جلد 1، صفحو 439، ڪتب الصلوة، باب ما روي في التعجيل بها في شدة الحر (ترجمو: جڏهن مان رسول الله صلي الله عليه و اله وسلم سان ٻيپهري جي نماز پڙهندو هئس ته پنهنجي هٿ ۾ پٿريون کڻي بيهندو هئس ته جيئن اهي منهنجي هٿ ۾ ٿڌيون ٿي وڃن ۽ اهي سجدي مهل پنهنجي پيشاني هيٺان رکي سگهان ڇو جو گرمي تمام گهڻي هئي.
۽ پوءِ پاڻ راوي ان ڳالهه جو واڌارو ڪيو آهي ته جيڪڏهن پنهنجي ڪپڙن تي سجدو جائز هجي ها ته اهو پٿريون هٿ ۾ کڻي بيهڻ ۽ انهن کي سنڀالڻ کان سولو هئو.
ابن سعد (متوفي 209 هجري) پنهنجي ڪتاب الطبقات الڪبرى ۾ هن ريت لکي ٿو:
کان مسروق اذا خرج يخرج بلبنة يسجد عليها في السفينة، (الطبقات الڪبرى، جلد 6، صفحو 79، ڇاپو بيروت، مسروق بن اجدع جي حالات کي بيان ڪرڻ مهل ) ترجمو: مسروق بن اجدع جڏهن سفر تي نڪرندا هئا ته پاڻ سان گڏ هڪ ڪچي سِر رکندا هئا ته جيئن ٻيڙِي ۾ ان تي سجدو ڪري سگهن.
مسروق بن اجدع، ابن مسعود جي اصحاب ۽ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي تابعين منجهان هئا. ڪتاب الطبقات الڪبرى جو مولف انهن بابت لکي ٿو: پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم کان پوءِ مسروق، اهل ڪوفه منجهان پهرئين طبقي وارن ماڻهن منجهان هئا ۽ ابو بڪر، عمر، عثمان، علي عليه السلام ۽ عبد الله بن مسعود کان روايتون نقل ڪيون اٿن.
ان ڪلام مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته مٽي جي سجده گاهه گڏ رکڻ هرگز شرڪ يا بدعت نه آهي ڇو جو اصحابي سڳورا به ائين ڪندا هئا.
(ان سلسلي ۾ وڌيڪ ثابتين لاءِ علامه اميني جي ڪتاب سيرتنا ڏانهن رجوع ڪيو وڃي)
نافع چئي ٿو:
ان ابن عمر کان اذا سجد و عليه العمامة يرفعها حتى يضع جبهته باالارض،(سنن بيهقي، جلد 2، صفحو 105، ڇاپو حيدرآباد دکن، ڪتاب الصلوة باب الڪشف عن السجدة في السجود )ترجمو: عبد الله بن عمر سجدي مهل پنهنجو عمامو مٿي ڪري ڇڏيندا هئا ته جيئن پنهنجي پيشاني زمين تي رکي سگهن.
رزين چئي ٿو:
کتب الي علي بن عبد الله بن عباس رضي الله عنه ان ابعث الي بلوح من احجار المروة اسجد عليها،(ازرقي، اخبار مڪه، جلد 3، صفحو 151)ترجمو: علي بن عبد الله بن عباس رضي الله عنه مون کي لکيو ته مروه جبل جي پٿر جي هڪ تختي مون ڏانهن موڪل ته جيئن مان ان تي سجدو ڪري سگهان.
5_ ٻئي پاسي کان مسلمان محدثن ڪجهه روايتون نقل ڪيون آهن جن مطابق پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم اهڙن ماڻهن کي ٽوڪيو آهي جيڪي سجدي ڪرڻ مهل پنهنجي پيشاني ۽ زمين جي وچ ۾ پنهنجي عمامي جو ڪپڙو حائل ڪندا هئا.
صالح سبائي چئي ٿو:
ان رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم راي رجلا يسجد على جنبه و قد اعتم على جبهته فحصر رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم على جبهته،(سنن بيهقي، جلد 2، صفحو 105)ترجمو: رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم پنهنجي ويجهو اهڙي ماڻهو کي سجدو ڪندي ڏٺو جنهن پنهنجي پيشاني تي عمامو ٻڌي ڇڏيو هئو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم انهن جو عمامو هٽائي ڇڏيو.
عياض بن عبد الله قرشي چئي ٿو:
راي رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم رجلا يسجد على کور عمامته فوم بيده ارفع عمامتک و اوما الى جبهته،(سنن بيهقي، جلد 2، صفحو 105)ترجمو: رسول الله صلى الله عليه و آله وسلم هڪ شخص کي ڏٺو جيڪو پنهنجي عمامي جي هڪ حصي تي سجدو ڪري رهيو هئو ته پاڻ سڳورن ان ڏانهن هٿ کڻي پيشاني ڏانهن اشارو ڪندي فرمايو پنهجو عمامو مٿي کڻ.
انهن روايتن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم جي زماني ۾ زمين تي سجدو ڪرڻ هڪ لازمي عمل هئو ۽ جڏهن به ڪو ماڻهو پنهنجي عمامي يا پٽڪي تي سجدو ڪندو هئو ته پاڻ سڳورا صلي الله عليه و آله وسلم ان کي انهي ڪم کان روڪيندا هئا.
6_ شيعن جي پاڪ امامن سڳورن عليهم السلام، جيڪي حديث ثقلين مطابق، قرآن کان ڪڏهن به جدا نه ٿيندا ۽ ٻئي پاسي کان اهي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جا اهل بيت به آهن، انهن زمين تي سجدي ڪرڻ کي چٽي ريت بيان ڪيو آهي. امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا:
السجود على الارض فريضة و على الخمرة سنة، (وسائل الشيعة، جلد 3، صفحو 593، ڪتاب الصلوة ابواب ما يسجد عليه، حديث نمبر 7) ترجمو: زمين تي سجدو ڪرڻ الله جو حڪم آهي ۽ تڏِي تي سجدو ڪرڻ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي سنت آهي.
هڪ ٻئي جڳهه تي فرمائن ٿا:
السجود لا يجوز الا على الارض او على ما انبتت الارض الا ما اکل او لبس، (وسائل الشيعة، جلد 3، صفحو 593، ڪتاب الصلوة ابواب ما يسجد عليه، حديث نمبر 1) ترجمو: زمين يا ان مان ڦٽندڙ شين کان علاوهه تي سجدو صحيح نه آهي، ليڪن کائڻ ۽ پائڻ وارين شين تي سجدو نه ٿو ٿي سگهي.
نتيجو: بيان ڪيل ثابتين ۽ دليلن جي روشني ۾ اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته نه فقط اهل بيت اطهار عليهم السلام جون روايتون بلڪه رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم جي سنت ۽ پاڻ سڳورن جي اصحاب ۽ تابعين جي سيرت ان ڳالهه جون شاهد آهن ته سجدو صرف زمين يا ان مان ڦٽندڙ شين (جيڪي کائڻ ۽ پائڻ واريون نه هجن) تي ئي ڪري سگهجي ٿو. انهن کان علاوهه باقي ٻين شين تي سجدي جي جائز هجڻ ۾ اختلاف آهي، تنهن ڪري احتياط تي عمل ڪندي ڪاميابي ۽ ڇوٽڪاري جي واٽ صرف اها آهي ته انهن شين تي سجدو ڪيو وڃي جن تي سڀ متفق آهن. آخر ۾ اسان ان نڪتي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ضروري سمجهون ٿا ته هي بحث صرف هڪ فقهي مسئلي بابت آهي ۽ اهڙن جزئي مسئلن بابت مسلمان فقهاء جي درميان ڪافي اختلاف آهن، ليڪن اهڙن اختلافن سبب پريشان نه ٿيڻ گهرجي، ڇو جو ان قسم جا فقهي اختلاف اهل سنت جي چئن فرقن ۾ تمام گهڻا آهن. مثال طور مالڪي چون ٿا ته نڪ کي سجدي گاهه تي رکڻ مستحب آهي. جڏهن ته حنبلي چون ٿا ته اهو عمل واجب آهي ۽ ان کي ڇڏڻ جي صورت ۾ سجدو باطل ٿي ويندو. (الفقه على المذاهب الاربعة، جلد 1، صفحو 161، ڇاپو مصر، ڪتاب الصلوة، بحث سجود).