سوال: شيعه زيارت ڪرڻ مهل حرم پاڪ جي دروازن ۽ ڀتين کي ڇو چمندا آهن ۽ انهن کي برڪت جو سبب ڇو سمجهندا آهن؟
جواب: الله جي ولين ڏانهن منسوب شين کي پنهنجي لاءِ برڪت جو سبب ڄاڻڻ ڪو اهڙو نئون مسئلو نه آهي جيڪو مسلمانن جي درميان اڄ وجود ۾ آيو هجي، بلڪه ان جون بنيادون رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم ۽ سندن اصحابي سڳورن جي زماني ۾ موجود آهن. ان عمل کي نه صرف اهو ته رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم ۽ سندن اصحابي سڳورن انجام ڏنو آهي بلڪه گزريل نبي عليهم السلام به اهو عمل انجام ڏيندا هئا. هاڻي اوهان جي سامهون ان عمل جي جائز هجڻ بابت قرآن مجيد ۽ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي سنت منجهان ڪجهه ثابتيون پيش ڪريون ٿا:
1_ قرآن مجيد ۾ اسان پڙهندا آهيون ته جڏهن حضرت يوسف عليه السلام پنهنجي ڀائرن اڳيان پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ انهن جا ڏوهه معاف ڪيا ته فرمايو:
اذْهَبُواْ بِقَمِيصِي هَـذَا فَأَلْقُوهُ عَلَى وَجْهِ أَبِي يَأْتِ بَصِيرًا،ترجمو: هي منهنجي قميص کڻي وڃو ۽ وڃي منهنجي پيءُ جي منهن تي وجهو ته اکين وارو ٿي پوندو.
۽ پوءِ قرآن فرمائي ٿو:
فَلَمَّا أَن جَاء الْبَشِيرُ أَلْقَاهُ عَلَى وَجْهِهِ فَارْتَدَّ بَصِيرًا، پوءِ جڏهن يوسف جي خوشخبري ڏيڻ وارو آيو تڏهن ان اها قميص سندس منهن تي وڌي پوءِ هو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو.
قرآن مجيد جون اهي آيتون شاهدي ڏيئي رهيون آهن ته هڪ نبي (حضرت يعقوب عليه السلام) ٻئي نبي (حضرت يوسف عليه السلام) جي قميص کي برڪت ڀريو سمجهيو ۽ صرف ايترو نه بلڪه حضرت يعقوب عليه السلام جو اهو عمل سندس اکين جي بينائي واپس موٽي اچڻ جو سبب بڻيو. ڇا هتي اهو چئي سگهجي ٿو ته انهن ٻنهي نبين جي ان عمل، کين توحيد ۽ الله جي عبادت جي دائري کان ڪڍي ڇڏيو هئو!؟
2_ ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم ڪعبة الله جو طواف ڪرڻ مهل حجر اسود کي سلام ڪندا هئا ۽ کيس چمي ڏيندا هئا.
رَاَيتُ رَسُولَ اللهِ يَستَلِمُه و يقبله،(صحيح بخاري، جزء 2، ڪتاب الحج، باب تقبيل الحجر صفحو 151 ۽ 152 طبع مصر.)
ترجمو: مون رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم کي ڏٺو آهي ته اهي حجر اسود کي سلام ڪري رهيا هئا ۽ کيس چمي رهيا هئا.
جيڪڏهن هڪ پٿر کي سلام ڪرڻ ۽ چمڻ شرڪ هجي ها ته نبي اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم هرگز اهو ڪم نه ڪن ها.
3_ صحيح، مستند ۽ تاريخي ڪتابن ۾ گهنيون ئي اهڙيون روايتون آهن جن مطابق صحابي سڳورا پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم ڏانهن منسوب شين، جيئن سندن لباس، وضو جي پاڻي ۽ ٿانو وغيرهه کي برڪت ڀريو سمجهند هئا، جيڪڏهن انهن روايتن جو مطالعو ڪيو وڃي ته هن عمل جي جائز هجڻ ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ۽ شبهو باقي نه رهندو.
جيتوڻيڪ هن موضوع بابت آيل روايتون گهڻي مقدار ۾ آهن ۽ سڀني کي هتي آڻڻ ممڪن نه آهي، ليڪن پوءِ به اسان انهن منجهان هتي ڪجهه کي نموني طور پيش ڪري رهيا آهيون:
الف) بخاري پنهنجي صحيح ۾ پاڻ سڳورن صلي لله عليه و آله وسلم ۽ سندن اصحاب جي خصوصيتن کي بيان ڪندڙ هڪ ڊگهي روايت جي ضمن ۾ نقل ڪيو آهي ته: و اذا توضا کادوا يقتتلون علي وضوئه،(صحيح بخاري، جلد 3، باب ما يجوز من الشروط في الاسلام باب الشروط في الجهاد ولمصالحة صفحو 195.) ترجمو: جڏهن رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم وضو ڪندا هئا ته قريب هوندو هئو جو انهن جو وضو وارو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ اصحاب سڳورا پاڻ ۾ جهيڙو ڪري وجهن.
ب) ابن حجر چئي ٿو ته: انَّ النبي صلي الله عليه و آله وسلم کان يوتي بالصبيان فيبرک عليهم،(الاصابة، جلد 1، خطبه ڪتاب، صفحو 7، طبع مصر.)ترجمو:بيشڪ نبي اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي خدمت ۾ ٻارن کي وٺي ايندا هئا، پاڻ سڳورا صلي الله عليه و آله وسلم پنهنجي وجود جي برڪت سان انهن کي متبرڪ بڻائيندا هئا.
ج) محمد طاهر مڪي چئي ٿو: ام ثابت کان روايت ٿي آهي، اها چئي ٿي ته:رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم منهنجي گهر تشريف کڻي آيا ۽ هڪ ٽنگيل مشڪ منجهان بيهي پاڻي پيتائون، اهو ڏسي ڪري مان پنهنجي جڳهه تان اٿيس ۽ ان مشڪ جو اهو حصو جيڪو پاڻ سڳورن جي چپن سان مس ٿيو هئو ڪٽي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو. ۽ پوءِ اضافو ڪندي چيو: ان حديث کي ترمذي نقل ڪندي چيو آهي ته اها حديث صحيح ۽ حسن آهي ۽ ڪتاب رياض الصالحين ۾ ان حديث جي شرح ۾ چيو ويو آهي ته ام ثابت مشڪ جي ڇيڙي کي ان لاءِ ڪٽيو هو ته جيئن ان جڳهه کي پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکي سگهي جنهن جڳهه کان پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم پاڻي پيتو هئو، ڇو ته هن جي نظر ۾ اها برڪت ڀري جڳهه هئي، اهڙي ريت اصحابي سڳورن جي به اها ڪوشش هوندي هئي ته ان جڳهه تان پاڻي پيئن جتان پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم پاڻي پيتو هجي. (تبرڪ الصحابه (محمد طاهر مڪي) فصل اول، صفحو 29، ترجمه انصاري.)
کان رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم اذا صلي الغداة جاءَ خدم المدينة بآنيتهم فيه الماء فما يوتي باناءِ الا غمس يده فيها فربما جاووه في الغداة الباردة فيغمس يده فيها،(صحيح مسلم، جزء 7، ڪتاب الفضائل باب قرب النبي صه من الناس و تبرکهم به، ص 79.)ترجمو: رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جڏهن صبح جي نماز کان فارغ ٿي ويندا هئا ته مديني جا خادم پاڻي جي ٿانون لاءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي خدمت ۾ ايندا هئا ۽ پاڻ سڳورا سڀني ٿانون ۾ پنهنجو هٿ ٻوڙيندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته اهي ٿڌڪار واري صبح جي مهل پاڻ سڳورن وٽ ايندا هئا ليڪن پوءِ به پاڻ سڳورا انهن جي ٿانون ۾ هٿ ٻوڙيندا هئا. (وڌيڪ معلومات لاءِ هنن ڪتابن جو مطلعو ڪريو: صحيح بخاري، ڪتاب اشربه، موطا مالڪ، جلد 1، صفحو 138، باب صلوة علي النبي صه، اسد الغابة جلد 5، صفحو 90، مسند احمد، جلد 4، صفحو 32، الاستيعاب (الاصابة) جي حاشئي تي جلد 3، صفحو 631، فتح الباري، جلد 1، صفحو 281 ۽ 282)
پيش ڪيل ثابتين ۽ دليلن جي روشني ۾ اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته الله جي ولين سان جڙيل شين کي برڪت ڀريو قرار ڏيڻ هڪ جائز عمل آهي
۽ اهي ماڻهو جيڪي شيعن تي هن عمل سبب تهمت لڳائيندا آهن اهي توحيد ۽ شرڪ جي معني کي چڱي ريت سمجهي نه سگهيا آهن ڇو جو شرڪ جي معني هي آهي ته الله جي عبادت سان گڏ ڪنهن ٻئي کي به الله سمجهيو وڃي يا هي عقيدو هجي ته الله وارا ڪم ان جي حوالي ڪيا ويا آهن ۽ اهو پنهنجي وجود ۽ اثر رکڻ ۾ الله کان بي نياز آهي.
جڏهن ته شيعه الله جي ولين ۽ انهن سان لاڳاپيل شين کي الله جي مخلوق ۽ ان جو محتاج سمجهندا آهن ۽ اهي پنهبنجي امامن ۽ دين جي پرچمدارن جي احترام ۽ انهن سان سچي محبت جي اظهار خاطر انهن کي برڪت ڀريو قرار ڏيئي انهن کان فيض پرائيندا آهن..
شيعن جو پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم ۽ اهل بيت اطهار عليهم السلام جي پاڪ حرم ۾ وڃي انهن جي ضريح کي بوسو ڏيڻ يا در ۽ ديوار کي چمڻ صرف ان خاطر آهي جو انهن جا دل پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم ۽ سندن خاندان جي محبت ۽ عشق سان ڀريل آهن ۽ اهو عشق هر انسان جي فطرت ۾ موجود آهي ۽ اهو هڪ انساني محبت جو جذبو آهي جيڪو هر محبتي انسان جي اندران ظاهر ٿيندو آهي.
ان بابت هڪ شاعر چئي ٿو:
امر علي الديار ديار سلمى اقبل ذا الجدار و ذالجدارا
و ما حب الديار شغفن قلبي ولکن حب من سکن الديارا

مان جڏهن سلمى جي وطن مان گزرندو آهيان ته هِن ديوار ، هُن ديوار کي چميون ڏيندو آهيان، ان ماڳ جي محبت مهنجي دل کي قابو نه ڪيو آهي، بلڪه ان ماڳ تي رهندڙ منهنجي دل کي قيد ڪري ڇڏيو آهي.