ڇا اسلام جي نظر ۾ دين سياست کان الڳ نه آهي؟
جواب: ان سوال جي جواب کان اڳ بهتر آهي ته سياست جي معني کي واضح ڪيو وڃي ته جيئن دين ۽ سياست جو هڪ ٻئي سان تعلق ۽ رابطو سمجهه ۾ اچي سگهي. هتي سياست جون ٻه معنائون بيان ڪيون وينديون آهن.
1_ سياست جي هڪ معني اها آهي ته پنهنجي مقصد تائين پهچڻ لاءِ هر حيلو ۽ وسيلو اختيار ڪرڻ پوءِ اهو وسيلي ٺڳي ۽ ڌوڪو ئي ڇو نه هجي. (ٻين لفظن ۾ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هر شي کي وسيلو بڻائي سگهجي ٿو) واضح آهي ته اهڙي سياست ڌوڪي ۽ ٺڳي کان سواءِ ڪجهه ناهي ۽ اهڙي سياست جو دين سان ڪنهن به قسم جو تعلق ڪونهي.
2_ سياست جي ٻئي معني اها ورتي ويندي آهي ته اسلامي اصولن مطابق انساني معاشري جي نظام کي هلايو وڃي. ان قسم جي سياست جي معني اها ٿيندي ته مسلمانن جي نظام کي قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ هلايو وڃي، اهڙي سياست دين جو حصو آهي ۽ هرگز دين کان الڳ ناهي.

هاڻي اسان هتي سياست ۽ دين جي درميان رابطي ۽ حڪومت جوڙڻ بابت ڪجهه ثابتيون پيش ڪندا سين. ان سلسلي ۾ سڀ کان چٽو شاهد پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جو عمل آهي. پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي ڪردار ۽ اقوال جي مطالعي سان اها ڳالهه چڱي ريت واضح ٿي وڃي ٿي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم اسلام ڏانهن ڏنل پنهنجي دعوت جي شروع ۾ ئي اهڙي مضبوط حڪومت قائم ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو هئو جنهن جي پيڙهه الله سائين مٿان ايمان جي محڪم ارادي تي ٻڌل هئي ۽ جيڪا اسلام جي مقصدن کي پورو ڪري پئي سگهي. هتي بهتر آهي ته اسان رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي ان مضبوط ارادي بابت ڪجهه ثابتيون پيش ڪريون.
پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم اسلامي حڪومت جا باني آهن
1_ جڏهن رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم کي حڪم مليو ته ماڻهن کي کلم کلا اسلام جي دعوت ڏين ته ان وقت پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم مختلف طريقن سان جهاد ۽ هدايت جي رخن کي هموار ڪيو ۽ اسلامي سپاهين جي تربيت ۽ انهن جي تياري جو ذمو نڀايو. ان سلسلي ۾ پاڻ ويجهي يا پري کان ڪعبي جي زيارت لاءِ ايندڙ حاجين سان ملندا هئا ۽ کين اسلام جي دعوت ڏيندا هئا ان دوران پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم مديني جي ٻن ٽولن سان عقبه جي مقام تي ملاقات ڪئي ۽ ساڻن اهو معاهدو ڪيو ته اهي ماڻهو پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم کي پنهنجي شهر گهرائيندا ۽ سندس حمايت ڪندا. (سيره ابن هشام، جلد 1، صفحو 431، مبحث عقبه اولي، ڇاپو ٻيون، مصر) ۽ اهڙي ريت اسلامي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي سياست جي شروعات ٿي.
2_ رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم مديني هجرت ڪري وڃڻ کان پوءِ هڪ اهڙي مضبوط فوج تيار ڪئي جنهن 82 ٻياسي جنگيون لڙيون ۽ انهن جنگين ۾ ڪاميابي حاصل ڪري اسلامي حڪومت جي راهه ۾ آيل سڀ رڪاوٽون ختم ڪري ڇڏيون.
3_ مديني ۾ اسلامي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم ان زماني جي وڏين سياسي ۽ سماجي طاقتن ڏانهن پنهنجا خط ۽ سفير موڪلي انهن سان رابطو قائم ڪيو ۽ گهڻن ئي قبيلن جي اڳواڻن سان اقتصادي، سياسي ۽ فوجي معاهدا ڪيا. پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي انهن خطن جي خصوصيتن ۽ تفصيلن کي تاريخ بيان ڪيو آهي جيڪي پاڻ ايران جي شهنشاهه
ڪسرى، روم جي بادشاهه قيصر، مصر جي بادشاهه مقوقس، حبشه جي بادشاهه نجاشي ۽ ٻين بادشاهن ڏانهن لکيائون. ڪجهه محققن پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي انهن خطن کي پنهنجي الڳ ۽ مستقل ڪتابن ۾ جڳهه ڏني آهي. (جيئن الوثائق السياسيه، مولف محمد حميد الله، مڪاتيب الرسول، مولف علي احمدي)
4_ رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم، اسلام جي مقاصد کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ ۽ اسلامي حڪومت جي استحڪام لاءِ گهڻن ئي شهرن ۽ قبيلن لاءِ حاڪم مقرر ڪيا هئا. ان سلسلي ۾ اسان هتي مثال طور هڪ نمونو بيان ڪري رهيا آهيون. پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم رفاعه بن زيد کي پنهنجو نمائيندو بڻائي کيس پنهنجي قبيلي ڏانهن موڪليو ۽ خط ۾ هن ريت لکيو:
بسم الله الرحمن الرحيم، هذا کتاب من محمد رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم لرفاعة بن زيد بعثته الي قومه عامة و من دخل فيهم يدعوهم الي الله و الي رسوله فمن اقبل منهم ففي حزب الله و حزب رسوله و من ادبر فله امان شهرين (مکاتيب الرسول، جلد 1، صفحو 144)
الله جي نالي سان شروع جيڪو ڏاڍو مهربان ۽ بيحد رحم ڪرڻ وارو آهي. الله جي رسول محمد جي طرفان هي خط رفاعه بن زيد نالي، بيشڪ مان کيس قوم جي عام ماڻهن ۽ قوم ۾ شامل ٿيندڙن ڏانهن موڪلي رهيو آهيان ته جيئن کين الله ۽ سندس رسول ڏانهن دعوت ڏئي، پوءِ جنهن سندس دعوت کي قبول ڪيو اهو الله ۽ سندس رسول جي لشڪر ۾ شامل ٿي ويو ۽ جنهن سندس دعوت کان منهن موڙيو ان کي ٻن مهينن جي امان (مهلت) آهي.
پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي انهن اقدامات سان اهو چڱي ريت ثابت ٿئي ٿو ته پاڻ بعثت جي شروع ۾ ئي هڪ اهڙي مضبوط حڪومت جوڙڻ جي آرزو ۾ هئا جنهن جي سائي ۾ انساني معاشري واري زندگي جي سڀني رخن بابت اسلام جي احڪام کي نافذ ڪري سگهجي، هاڻي سوال اهو آهي ته رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم جو مختلف ٽولن ۽ طاقتور قبيلن سان معاهدو ڪرڻ، هڪ مضبوط فوج ٺاهڻ، مختلف ملڪن ڏانهن سفير ۽ ايلچي موڪلڻ ۽ ان زماني جي بادشاهن کي آگاهه ڪرڻ، پڻ انهن سان خط ۽ ڪتابت ڪرڻ، گڏو گڏ شهرن جا حاڪم ۽ گورنر مقرر ڪرڻ ۽ اهڙا ڪيترا ئي ٻيا ڪم انجام ڏيڻ جيڪڏهن سياست نه هيو ته ٻيو ڇا هيو؟ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي سيرت کان علاوهه خلفاءِ راشدين جو ڪردار ۽ خاص طور تي امير المومنين حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جو عمل به شيعه ۽ اهل سنت ٻنهي فرقن لاءِ ان ڳالهه جي شاهدي ٿو ڏئي ته سياست دين کان الڳ نه آهي. ٻنهي اسلامي فرقن جي عالمن حڪومت قائم ڪرڻ بابت قرآن مجيد ۽ سنت پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم منجهان تفصيلي ثابتيون آنديون آهن. اسان هتي نموني طور انهن منجهان ڪجهه کي بيان ڪريون ٿا.
ابو الحسن ماوردي پنهنجي ڪتاب احڪام سلطانيه ۾ هن ريت لکيو آهي: الامامة موضوعة لخلافة النبوة في حراسة الدين و سياسة الدنيا و عقدها لمن يقوم بها في الامة واجب بالاجماع، (الاحکام السلطانيه، ماوردي، باب اول، صفحو 5، ڇاپو مصر)
امامت کي نبوت جي جانشيني لاءِ قرار ڏنو ويو آهي ته جيئن ان جي ذريعي دين جي حفاظت ڪري سگهجي ۽ دنيا جي سياست ۽ حڪومت جو ڪم به هلي سگهي. امت جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته ان شخص تي اهڙي حڪومت قائم ڪرڻ واجب آهي جيڪو اهو ڪم انجام ڏيئي سگهي.