LiveZilla Live Chat Software
نتيجا ڏسو 1 تائين 1 مان ،ڪل1

موضوع: يورپ ۽ شمالي آمريڪا جي جوانن ڏانهن رهبر معظم سيد علي خامنه اي پاران لکيل خط جي شرح

  1. #1
    فورم ايڊيٽر
    نظيربهشتي جي نمائنده تصوير
    : نظيربهشتي آف لائن آهي
    يوزر آئي ڊي : 53
    داخلا جي تاريخ : 10-02-2010
    جڳهه : قم المقدسه ايران
    تحريرون : 2,093
    موضوعَ
    163
    درجو ڏيو : 20
    Array
    Rep Power : 10
    Array

    اصلي يورپ ۽ شمالي آمريڪا جي جوانن ڏانهن رهبر معظم سيد علي خامنه اي پاران لکيل خط جي شرح



    مغربي ملڪن خاص ڪري يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ اسلام تي حملا سبب بڻيا ته اسلام جا وارث، مسلمانن جا رهبر، عظيم مفڪر ۽ دانشور آيت الله خامنه دامت برڪاته اتان جي جوانن ڏانهن خط لکن جنهن ۾ کين اسلام بابت پيدا ٿيل غلط فهمين ڏانهن توجهه ڏيارين. اهو خط سال 2015 عيسوي ۾ لکيو ويو هئو جنهن کي مون هن فورم تي شيئر ڪيو هئو. جنهن کان بعد ڪجهه دوستن خواهش ظاهر ڪئي هئي ته اهڙن حڪيم ۽ دانشور انسانن جا خط شرح جي لائق آهن ۽ انهن جي شرح ٿيڻ گهرجي. اڄ انهن جي فرمائش عملي جامو پهري رهي آهي مان ان خط جي صرف هڪ جملي جي مختصر شرح فورم جي سمجهه ڀرين دوستن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان. رهبر معظم جوانن سان مخاطب ٿي فرمايو هئو ته:
    اوهان اسلام کي ان جي اصلي مآخذ ۽ ثبوتن منجهان سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪريو. اسلام کي قرآن مجيد ذريعي ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي حيات طيبه جي ذريعي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪريو. اسلام کي قرآن مجيد ذريعي سڃاڻڻ جي دعوت وڏي فڪري ۽ عظيم دعوت آهي هاڻي اچو ته ان قرآن مجيد بابت جيڪو اسلام جي سڃاڻپ جو اصلي ۽ سڌو سنئون ذريعو آهي ڪجهه غور ۽ فڪر ڪريون.

    قرآن مجيد:

    جيڪا معلومات غير اصلي منابع مان حاصل ٿيندي آهي ۽ ٻئين يا ٽئين درجي جي منابع مان حاصل ٿيندي آهي اها صحيح معلومات ناهي هوندي ۽ ان تي ڪو اعتبار ۽ ڀروسو ناهي ڪري سگهبو. دين اسلام جي سڃاڻپ ۽ ان مطابق رايو قائم ڪرڻ لاءِ به اصلي ۽ پهرئين درجي جي منابع ڏانهن رجوع ڪرڻ ضروري آهي. قرآن مجيد ۽ حديث جي معتبر ڪتابن (جيڪي اصلي هجڻ سبب معتبر بڻيا آهن) ۾ موجود پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله ۽ ائمه اطهار عليهم السلام جون حديثون دين اسلام جي سڃاڻپ جو سڌو سنئون منبع آهن ۽ انهن ڏانهن رجوع ڪرڻ کان بغير اسلام بابت ڪا به تحقيق يا ڄاڻ حاصل ڪري جامع اسلامي نظريو قائم نه ٿو ڪري سگهجي. البته ان ڳالهه تي ڌيان ڏيندي ته قرآن عربي ٻولي ۾ آهي ان جي غير مناسب ترجمن هجڻ جي صورت ۾ لازمي آهي ته مناسب ۽ صحيح ترجمن کان استفادو ڪيو وڃي. قراء جي ترجمن کي بهترين ۽ قابل قبول ترجما چئي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ بهتر آهي ته اڄ جي دور مطابق عربي زبان جي ادبيات تي مسلط افراد ۽ لاڳاپيل علائقي جي اديبن جي گڏيل ڪاوش سان قرآن جو مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿئي.
    هتي اهو سوال ذهن ۾ اڀري سگهي ٿو ته مقدماتي علوم کان بغير دين جي مڪمل ۽ جامع سڃاڻپ لاءِ قرآن مجيد ۽ احاديث ڏانهن رجوع ڪرڻ شايد اشتباهه وارو ڪم هجي ۽ ماڻهو کي حيرت ۽ شبهي ۾ وجهي ڇڏي، نه فقط اهو ته اهڙو ماڻهو مڪمل معلومات حاصل نه ڪر ي سگهندو بلڪه پنهنجي ان سڌي مطالعي سان تضادن ۽ تناقضن جو شڪار ٿي ويندو. ان ڪري جو ڪيترا ئي متشابهات، عام ۽ خاص، مطلق ۽ مقيد.. موجود آهن جيڪي ڳالهه سمجهڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهن ٿا.
    ليڪن جواب ۾ چوڻ گهرجي ته قرآن جي متشابهات جو سندس محڪمات ذريعي جواب ڏنو ويو آهي ۽ خود قرآن مجيد پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله ۽ سندس اهل بيت اطهار عليهم السلام جو پنهنجي حقيقي مفسر ۽ بيان ڪندڙ طور تعارف ڪرايو آهي. جو انهن جي احاديث ڏانهن رجوع ڪرڻ سان آيت کي صحيح نموني سان سمجهي سگهبو. ان کان علاوهه اهو ته ڀلا اهڙيون گهڻيون آيتون هونديون جيڪي مبهم هجن ۽ ماڻهو انهن مان غلط معني اخذ ڪري ته ان جي گمراهه ٿيڻ جو خوف هجي؟
    اصل ۾ اها سوچ ان ڪري پيدا ٿي ٿئي جو قرآن جي آيتن تي جزئي ۽ سرسري نگاهه ٿي وڌي وڃي جڏهن ته قرآن هڪ ڪامل مجموعو آهي ۽ ڪنهن کي به اهو حق ناهي ته ڪنهن موضوع بابت قرآن جو سڀ آيتون مطلق توڙي مقيد، عام توڙي خاص، ناسخ توڙي منسوخ، محڪم توڙي متشابهه، ظاهر توڙي باطن...۽ ان موضوع بابت معصومين عليهم السلام جون روايتون پڙهڻ کان بغير قرآن يا اسلام جو نظريو بيان ڪري. نموني طور هن آيت:
    فَانکِحُوا مَا طَابَ لَکُم مِن النِسَاءِ،[Only registered and activated users can see links. ] ته پوءِ (ٻيون) جيڪي زالون اوهان کي وڻن انهن سان نڪاح ڪريو.
    کي آيت جو مڪمل موضوع نظر ۾ رکڻ کان بغير ۽ اهڙي ريت
    حُرِّمَت عَليکُم اُمَّهَاتُکُم،[Only registered and activated users can see links. ] اوهان جون مائرون (ڏاڏي ناني وغيره) اوهان تي حرام ڪيل آهن. واري آيت تي توجهه ڪرڻ کان بغير قضاوت جي مبنا قرار نه ٿو ڏئي سگهجي ۽ ان بابت ڪا قضاوت نه ٿي ڪري سگهجي
    توجهه رکڻ گهرجي ته خود قرآن ڪريم، پنهنجي سڀني مخاطبن کي قرآن پڙهڻ ۽ آيتن ۾ سڌي سنئين فڪر ڪرڻ جي تاڪيد ۽ تصريح ڪري ٿو:
    فَاقرَءوا مَا تَيَسَّرَ مِن القُرآنِ، جيتري قدر پڙهي سگهو ٿا قرآن پڙهو، اَفَلَا يَتَدَبَّرُونَ القُرآنَ،[Only registered and activated users can see links. ] ڇا قرآن ۾ غور ۽ فڪر نه ٿا ڪن؟
    اهو قرآن مجيد جو معجزو آهي جو جيڪو به صاف ذهن ۽ نفساني خواهشن کان آجو ٿي، پهريان ڪنهن معنى کي ذهن ۾ سوچي اچڻ کان بغير سڌو سنئون قرآن مجيد جي حڪمت ڀرين آيتن ڏانهن رجوع ڪندو ته پنهنجي ظرفيت ۽ ذهني صلاحيت مطابق هن خدائي ذخيري کان فيض پرائيندو.
    وَلَقَد يَسَّرنَا القُرآنَ لِلذِّکرِ فَهَل مِن مُدَّکِرِ[Only registered and activated users can see links. ]، ۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي (ته) ڪو آهي جو نصيحت حاصل ڪري؟
    قرآن هدايت جو ڪتاب آهي ۽ سڀني ماڻهن لاءِ نازل ٿيو آهي ۽ سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي ظرف مطابق کانئس فيضياب ٿيندا. قرآن ڪريم اهڙن مفهومن سان ڀريل آهي جيڪي هر حق طلب جوان کي پنهنجي طرف ڇڪي وٺن. جيتوڻيڪ مغرب ۾ منفي پروپيگنڊا سبب اسلام مان غلط مطلب اخذ ڪيو ٿو وڃي جنهن ۾ ظاهري مسلمانن کان ڌوڪي ۾ آيل بي دينن جي مدد سان مغربي حڪومتن جا تبليغاتي ادارا ملوث آهن. ليڪن اسان کي اها ڳالهه مڃڻ گهرجي ته مسلمان دانشورن ۽ ماهرن، مغربي حقيقت طلب جوانن کي جن جو تعداد به چڱو خاصو آهي سڌو سنئون قرآن جو مطالعو ۽ پهرئين مرتبي جي اسلامي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ جو شوق ڏيارڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي آهي. جيڪڏهن حقيقت طلب مغربي جوان سڌو سنئون قرآن جو مطالعو ڪندو ته کيس پروڙ پوندي ته اسلام بيان جي آزادي لاءِ ڪهڙي فڪر ٿو ڏئي:
    وَ اِن اَحَدُ مِن المُشرِکِينَ استَجَارَکَ فَاَجِره حَتَّي يَسمَعَ کَلَامَ اللهِ ثُمَّ اَبلِغه مَامَنَهُ ذَالِکَ بِاَنَّهُم قَومُ لَا يَعلَمُونَ،[Only registered and activated users can see links. ] ۽ (اي رسول) جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو تو کان پناھ گهري ته ان کي پناھ ڏي! ايستائين جو اهو خدا جو ڪلام ٻڌي پوءِ کيس امن واري جاءِ تي پهچائي ڏي. اهو هن ڪري جو اهي ماڻهو نادان آهن.
    کيس پتو پئجي ويندو ته اسلام ۾ جهاد جي معني انهن ماڻهن سان جنگ ڪرڻ آهي جيڪي اهڙي قسم جي بيان جي آزادي کي دنيا مان ختم ڪري اسلام جي عالي پيغام کي سڀني تائين پهچڻ کان رڪاوٽ بڻجن.
    وَ قَاتِلُوهُم حَتَّي لَا تَکُونَ فِتنَةُ،[Only registered and activated users can see links. ] ۽ انهن سان ايستائين جنگ ڪريو جو فتنو (شرڪ باقي) نه رهي.
    حقيقت طلب مغربي جوان جيڪڏهن قرآن ڏانهن رجوع ڪندو ته ڪهڙي ريت الله جي هن محبوب ڪلام ڏانهن ڇڪجي نه ايندو:
    وَ لَا يَجرِمَنَّکُم شَنَآنُ قَومِ عَلَي اَلَّا تَعدِلُوا اعدِلُوا هُوَ اَقرَبُ لِلتَّقوَي،[Only registered and activated users can see links. ] اوهان کي ڪنهن قبيلي جي دشمني ان ڏوھ ۾ نه ڦاسائي جو اوهين نا انصافي ڪرڻ لڳو. بلڪه اوهين (هر حال ۾) انصاف ڪريو. اها ئي (ڳالھ) پرهيزگاري جي گهڻو ويجهو آهي.
    ان جي فطرت ڪهڙي ريت قرآن مجيد جي هن پيغام کي دل جي گهراين سان قبول نه ڪندي جنهن ۾ فرمائي ٿو:
    قُل يَا اَهلَ الکِتَابِ تَعَالَوا اِلي کَلِمَةِ سَوَاءِ بَينَنَا وَ بَينَکُم اَلَّا نَعبُدَ اِلَّا الله وَ لَا نُشرِکَ بِهِ شَيئَا وَ لَا يَتَّخِذَ بَعضُنَا بَعضَا اَربَابَا مِن دُونِ اللهِ،[Only registered and activated users can see links. ] (اي رسول!) تون (هنن کي) چئو اي اهل ڪتاب توهان ڪنهن اهڙي (اتفاق جهڙي) ڳالھ تي اچو جا توهان ۽ اسان جي وچ تي هڪ جهڙي آهي (اهو هي عقيدو) ته خدا کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت نه ڪريون ۽ ڪنهن کي به ان سان شريڪ نه ڪريون ۽ خدا کان سواءِ اسان مان ڪو به ڪنهن کي پنهنجو پروردگار نه بنائي.
    اهو ڪهڙي ريت اسلام کي دٻدٻي ۽ وحشت وارو دين سمجهي کانئس منهن موڙيندو جيڪو هن آيت کي پنهنجي چپن تي آڻيندو:
    وَ لَا تَسُبُّوا الَّذِينَ يَدعُونَ مِن دُونِ اللهِ فَيَسُبُّوا اللهَ عَدوَا بِغَيرِ عِلمِ،[Only registered and activated users can see links. ] ۽ اهي (مشرڪ) جن جي الله کانسواءِ (خدا ڄاڻي ڪري) عبادت ڪندا آهن، انهن کي تون برو نه چئو نه ته اهي بي علميءَ سبب دشمني ڪري برو ڀلو چئي وهندا
    اهو ڪهڙي ريت اسلام کي عقل ۽ منطق کان عاري دين سمجهندو جيڪو قرآن جي گهڻين آيتن ۾ فڪر جي دعوت، عقل کان ڪم وٺڻ جي دعوت، ڄاڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ جي دعوت ۽ عقل کان ڪم نه وٺڻ جي صورت ۾ انهن جي محاسبي جي ڳالهه پڙهندو:
    يَرفَعُ اللهُ الَّذِينَ آمَنُوا مِنکُم وَالَّذِينَ اُوتُوا العِلمَ دَرَجَاتِ،[Only registered and activated users can see links. ] جي شخص اوهان مان ايماندار آهن ۽ جن کي علم عطا ڪيل آهي خدا تن جا درجا بلند ڪندو. اَفَلَا تَعقِلُونَ،[Only registered and activated users can see links. ] ڇا پوءِ اوهين عقل کان ڪم نٿا وٺو؟!
    اَفَلَا يَتَدَبَّرُونَ القُرآنَ،[Only registered and activated users can see links. ] ته ڇا اهي ماڻهو قرآن ۾ (ذرو به) تدبير نه ٿا ڪن.
    پاڪ فطرت وارو مغربي جوان ڪهڙي ريت اسلام کان منهن موڙي اسلام کان علاوهه ڪنهن ٻئي دين ۾ معنويت ڏسندو، جڏهن هي اميد ڏياريندڙ ۽ انهن جهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي آيتون پڙهندو:
    اَلَا بِذِکرِ اللهِ تَطمَئِنَّ القُلُوبُ،[Only registered and activated users can see links. ] ياد رکو! ته خدا جي يادگيريءَ سان ئي دلين کي تسلي ٿئي ٿي.
    قُل يَا عِبَادِي الَّذِينَ اَسرَفُوا عَلي اَنفُسِهِم لَا تَقنَطُوا مِن رَّحمَةِ اللهِ اِنَّ اللهَ يَغفِرُ الذُّنُوبَ جَمِيعَا اِنَّهُ هُوَ الغَفُورُ الرَّحِيمُ،[Only registered and activated users can see links. ] (اي رسول کين) چئو ته: اي منهنجا (ايماندار) ٻانهو! جن ماڻهن (گناھ ڪري) پنهنجي جانن تي زيادتيون ڪيون آهن خدا جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو بيشڪ خدا (اوهان جي) سڀني گناهن کي معاف ڪندو. اهو ئي بيشڪ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.
    وَ اِذَا سَاَلَکَ عِبَادِي عَنِّي فَاِنِّي قَرِيبُ اُجِيبُ دَعوَةَ الدَّاعِ اِذَا دَعَانِ فَليَستَجِيبُوا لِي وَليُومِنُوا بِي لَعَلَّهُم يَرشُدُونَ،[Only registered and activated users can see links. ] (اي رسول!) جڏهن تو کان منهنجا بندا منهنجي پڇا ڪن ٿا (چئو ته) بيشڪ آءُ انهن وٽ ئي آهيان. ۽ جڏهن مون کان ڪا به دعا گهرندا آهيو ته آءُ سڀ ڪنهن دعا گهرندڙ جي دعا (ٻڌندو آهيان ۽ جي مناسب هوندي ته) قبول ڪندو آهيان. پوءِ گهرجين ته منهنجو حڪم مڃين ۽ مون تي ايمان آڻين ته جئين سڌي رستي تي اچن.
    وَ لَا تَياَسُوا مِن رَوحِ اللهِ اِنَّهُ لَا يَياَسُ مِن رَوحِ اللهِ اِلَّا القَومَ الکَافِرُونَ،[Only registered and activated users can see links. ] ۽ خدا جي رحمت (۽ عنايت) مان نا اميد نه ٿيو. بيشڪ خدا جي رحمت (۽ عنايت) مان سواءِ ڪافرن جي ٻيو ڪو به نا اميد نه ٿيندو آهي.
    ڪهڙي ريت هي اخلاقي پيغام ۽ هنن جهڙا ٻيا سوين اخلاقي پيغام سندس دل جي گهراين ۾ لهي نه ويندا
    وَ وَصَّينَا الاِنسَانَ بِوَالِدَيهِ حُسنَا،[Only registered and activated users can see links. ] ۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ سان چڱو ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي. وَ عَاشِرُوهُنَّ بِالمَعرُوفِ،[Only registered and activated users can see links. ] ۽ زالن سان سٺي سلوڪ سان هلندا رهو. فَاَمَّا اليَتِيمَ فَلَا تَقهَر وَ اَمَّا السَّائِلَ فَلَا تَنهَر،[Only registered and activated users can see links. ] ته تون به يتيم تي متان سختي ڪرين. ۽ سوال ڪرڻ واري کي متان جهڻڪين.
    وَ لَا تُصَعِّر خَدَّکَ لِلنَّاسِ وَ لَا تَمشِ فِي الاَرضِ مَرَحَا اِنَّ اللهَ لَا يُحِبُّ کُلَّ مُختَالِ فَخُورِ وَاقصِد فِي مَشيِکَ وَاغضُض مِن صَوتِکَ اِنَّ اَنکَرَ الاَصوَاتِ لَصَوتُ الحَمِيرِ،[Only registered and activated users can see links. ] ۽ پنهنجو ڳل ماڻهن کان نه موڙ (وڏائي نه ڪر) ۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هل. بيشڪ خدا کي سڀ هٺيلو پاڻ پڏائيندڙ نه ٿو وڻي. ۽ پنهنجي هلڻ ۾ وچٿري چال هل ۽ پنهنجي آواز کي نرم ڪر! ڇو ته آوازن مان بڇڙي کان بڇڙو آواز گڏھ جو آواز آهي.
    وَ لَا تَقرَبُوا مَالَ اليَتِيمِ اِلَّا بِالَّتِي هِيَ اَحسَنُ حَتَّي يَبلُغَ اَشُدَّهُ وَ اَوفُوا بِالعَهدِ اِنَّ العَهدَ کَانَ مَسئُولَا،[Only registered and activated users can see links. ] ۽ يتيم جيستائين جوانيءَ کي پهچي سندس مال جي ويجهو به نه وڃو. پر هاءُ! هن ريت جو (يتيم جي حق ۾) چڱو هجي. ۽ انجام (اقرار) کي پورو ڪريو ڇو ته (قيامت ۾) انجام بابت ضرور پڇا ٿيندي.
    وَ اَوفُوا الکَيلَ اِذَا کِلتُم وَ زِنُوا بِالقِسطَاسِ المُستَقِيمِ ذَالِکَ خَيرُ وَ اَحسَنُ تَاوِيلَا،[Only registered and activated users can see links. ] ۽ جڏهن ماڻ ڀريو ته پورو ڀريو ۽ سنئين ترازوءَ سان توريو، اهو گهڻو چڱو آهي ۽ ان جي پڇاڙي (به) گهڻي چڱي آهي.
    سياسي آيتون، اخلاقي آيتون، اجتماعي آيتون، فردي آيتون، قرآن جون احڪام بيان ڪندڙ آيتون هر حقيقت طلب جي دل کي پاڻ ڏانهن ڇڪينديون ۽ سندس هدايت جو سامان بڻبيون. اُ
    ولئِکَ عَلَي هُدَي مِن رَبِّهم،[Only registered and activated users can see links. ] اهي ان هدايت تي آهن جا سندن پالڻهار جي طرفان آهي. وَ اُولئِکَ هُم المُفلِحُونَ،[Only registered and activated users can see links. ] ۽ اهي ئي ڪامياب آهن.
    آيت الله العظمي خامنه اي کي پوري انسانيت جي ڀلائي ۽ ڪاميابي جو اونو آهي. پاڻ راهه حل ان حديث ۾ ڳولن ٿا جنهن ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو:
    اِذَا اِلتَبَسَت عَلَيکُم الفِتَنُ کَقِطَعِ اللَّيلِ المُظلَمِ فَعَلَيکُم بِالقُرآنِ فَاِنَّهُ شَافِعُ مُشَفَّعُ وَ مَا حِلُّ مُصَدَّقُ،[Only registered and activated users can see links. ] جڏهن فتنا انڌيري رات وانگر اوهان کي وڪوڙي وڃن ته قرآن سان تمسڪ ڪريو. ان ڪري جو قرآن اهڙو شفاعت ڪرڻ وارو آهي جنهن جي شفاعت قبول آهي. براين کي بيان ٿو ڪري ۽ سندس ڳالهيون تصديق ٿيل آهن.



    [Only registered and activated users can see links. ] ـ اجازه ازدواج با زنان، سورت نساء، آيت/ 3

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ حرمت ازدواج با محارم، سورت نساء، آيت/23

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت نساء، آيت/ 62

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت قمر، آيت /17 ۽ 32

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت توبه، آيت/ 6

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت بقره، آيت/ 193

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت مائده، آيت/ 8

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت آ: عمران، آيت /64

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت انعام، آيت/ 108

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت مجادله، آيت/ 11

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت بقره، آيت /44 ۽ 76، سورت آل عمران، آيت/ 65، سورت انعام، آيت /32، سورت اعراف، آيت /162، سورت يونس، آيت /16، سورت هود، آيت /51، سورت يوسف، آيت/ 109، سورت انبياء، آيت/ 10 ۽ 67، سورت مومنون، آيت/ 80، سورت قصص، آيت/ 60، سورت صافات، آيت/ 138

    [Only registered and activated users can see links. ]ـ سورت محمد، آيت/ 24

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت رعد، آيت /28

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت زمر، آيت /53

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت بقره، آيت/ 186

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت يوسف، آيت/ 87

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت عنڪبوت، آيت/ 8

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت نساء، آيت/ 19

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت ضحى، آيت/ 9 ـ 10

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت لقمان، آيت/ 18ـ 19

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت اسراء، آيت/ 34

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت اسراء، آيت/ 35

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت بقره، آيت /5

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ سورت بقره، آيت/ 6

    [Only registered and activated users can see links. ] ـ وسائل الشيعه، جلد 6، صفحو 169




    آخري ترميم: نظيربهشتي ،29-05-2016 تي انجام ڏني آهي
    جي ڀانئين جنتي ٿيان ٿي حيدر جو حبدار
    بنا حب حيدر جي اٿئي بندگي بيڪار
    کوڙ ڪرين خيراتون توڙي ڪرين حج هزار
    ان مان بهشت ئي بيزار جنهن کي عشق ناهي علي سان

موضوع بابت معلومات

هن موضوع کي ڌسندڙ رڪن

هن وقت 1 رڪن موضوع کي ڏسي رهيا آهن (0رڪن ۽ 1 مهمان)

Visitors found this page by searching for:

Nobody landed on this page from a search engine, yet!

هن موضوع جا مکيه لفظ

سوشل نيٽ ورڪنگ بڪ مارڪ

سوشل نيٽ ورڪنگ بڪ مارڪ

تحرير موڪلڻ جا قانون

  • توهان نوان موضوع موڪلي نه ٿا سگهو
  • توهان جواب نه ٿا ڏئي سگهو
  • توهان پنهنجي تحريرن ۾ فائل ڳنڍي نه ٿا سگهو.
  • توهان پنهنجي تحريرن ۾ ترميم ڪري نه ٿا سگهو
  •