شڪيات نماز
آيت الله العظمي سيد علي حسيني سيستاني مد ظله جي توضيح المسائل مان شڪيات نماز جي بحث پيش ڪري رهيو آهيان. جيڪا يقينن اسان جي نماز ۽ عبادت جي سڌاري جو سامان ثابت ٿيندي.
شڪيات نماز (حصو پهريون)
شڪيات نماز جا 22 قسم آهن. ست 7 اهڙي قسم جا شڪ آهن جن سان نماز باطل ٿي ويندي آهي. ڇه 6 اهڙي قسم جا شڪ آهن جن جي پرواھ نه ڪئي وڃي. نوَ 9 اهڙي قسم جا شڪ آهن جيڪي صحيح آهن.
نماز باطل ڪرڻ وارا شڪ
مسئلو نمبر 1174- جيڪي شڪ نماز کي باطل ڪن ٿا اهي هن ريت آهن.
پهريون: ٻه رڪعتي واجب نماز جيئن صبح جي نماز يا مسافر جي نماز ۾ نماز جي رڪعتن جي تعداد ۾ شڪ (جيئن شڪ ڪري ته پهرئين رڪعت ٿو پڙهي يا ٻئين)
ليڪن مستحب نماز ۽ نماز احتياط جي رڪعتن جي تعداد ۾ شڪ سان نماز باطل نه ٿيندي.
ٻيون: ٽي رڪعتي نماز جي رڪعتن جي تعداد ۾ شڪ.
ٽيون: چار رڪعتي نماز ۾ شڪ ڪري ته هڪ رڪعت پڙهي اٿس يا وڌيڪ.
چوٿون: چار رڪعتي نماز ۾ ٻئين سجدي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ شڪ ڪري ته ٻه رڪعتون پڙهيون اٿس يا وڌيڪ.
پنجون: ٻن ۽ پنجن رڪعتن ۾ شڪ يا ٻن ۽ پنجن کان وڌيڪ رڪعتن ۾ شڪ. ( جيئن شڪ ڪري ته ٻئين رڪعت پڙهي ٿو يا پنجين يا شڪ ڪري ته ٻئين رڪعت پڙهي ٿو يا ڇهين)
ڇهون: ٽن ۽ ڇهن رڪعتن ۾ شڪ يا ٽن ۽ ڇهن رڪعتن کان وڌيڪ ۾ شڪ.
ستون: چئن ۽ ڇهن يا چئن ۽ ڇهن کان وڌيڪ رڪعتن ۾ شڪ، ان تفصيل مطابق جيڪا اڳتي بيان ڪئي ويندي.
مسئلو نمبر 1175- جيڪڏهن (مٿي بيان ڪيل) نماز باطل ڪندڙ شڪن منجهان ڪو هڪ شڪ انسان کي پيش اچي ته بهتر اهو آهي ته ان شڪ پيدا ٿيڻ سان ئي نماز نه ٽوڙي بلڪه ايترو وقت فڪر ڪري جو نماز جي حالت ختم ٿي وڃي يا يقين ۽ اعتقاد پيدا ٿيڻ کان مايوس ٿي وڃي.
(رساله توضيح المسائل انتشارات هاتف مشهد، ڇاپو 11، سال 1382 شمسي، صفحو 197)